ايران تي حملي کان اڳ آمريڪي ۽ اسرائيلي عهديدارن ۾ تلخي

يروشلم/واشنگٽن(م ڊ)ايران تي حملي کان اڳ آمريڪا ۽ اسرائيلي اختيارين وچ ۾ فون ڪال تي گرما گرمي ٿي،نائب صدر جي ڊي وينس سخت مخالفت ڪندي چيو ته اسرائيل دٻاءُ وجهي آمريڪا کي جنگ ۾ ڌڪي رهيو آهي،آمريڪا کي ان جنگ ۾ شامل نه ٿيڻ گهرجي،جڏهن ته اسرائيلي وزيراعظم ۽ اعليٰ اختياريون جنگ ۾ آمريڪا جي شريڪ ٿيڻ تي زور ڀرينديون رهيون،انهن جو چوڻ آهي ته لڳي ٿو ته آمريڪا سستي کان ڪم وٺي رهيو آهي،اسرائيل ٻن هفتن جي مهلت تي مايوسي جو اظهار ڪيو،جي ڊي وينس فوري طور تي آمريڪي شموليت لاءِ دٻاءُ جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته اسرائيل آمريڪا کي وسيع تر تڪرار ڏانهن گهلي رهيو آهي.

ايران جي ايٽمي پروگرام کي نقصان ناهي پهتو؟

اسلام آباد(اسد طور) پاڪستان ٻه ڏينهن اڳ ئي صدر ٽرمپ کي امن جي نوبل انعام لاءِ نامزد ڪيو هو،ايران تي آمريڪي حملي کانپوءِ هاڻي پاڪستان ڪٿي بيٺو آهي؟ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو ته هو سفارتڪاري ۾ اعتماد ڪرڻ جهڙو ناهي،ايران تي حملي لاءِ آمريڪا جيڪي ڪروز ميزائل استعمال ڪيا اهي 1600ڪلوميٽر تائين وارهيڊ کڻي وڃي سگهن ٿا،انهن ميزائلن کي ان کان پهرين 1991ع ۾ آمريڪا نار واري جنگ م استعمال ڪيو،عراق خلاف 2003ڳ ۾ ليبيا ۾ 2011ع ۽ 2017ع ۾ شام ۾ انهن ميزائلن جو استعمال ڪيو،ايران جي جوهري ٺڪاڻن تي ساڍا ٽي لک پائونڊ وزني بم ڪيرايا ويا،اختيارين تصديق ڪئي آهي ته انهن ٺڪاڻن تان ڪا به تابڪاري نه پکڙجي اهي،اصفهان ۽ ٻين سائٽن تان يورينيم ۽ ٻيو جوهري مواد اڳ ۾ ايران ٻئي هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو هو،هاڻي ايران وٽ جيڪو مواد آهي اهو محفوظ آهي باقي جيڪا مشينري ۽ سينٽري فيوجز آهن اهي ناڪاره بڻجي چڪا آهن،غالب امڪان اهي ته ايران جو جيڪو ايٽمي پروگرام آهي اهو وقتي طور تي رڪجي ويندو،ڇا ايران ان کي ٻيهر بحال ڪندو؟اهو هڪ الڳ سوال آهي، ايران وٽ ان پروگرام کي فوري طور تي آپريشنل ڪرڻ جي صلاحيت نه هوندي،ان کي وقت لڳندو،جڏهن ته جواب ۾ ايران وچ اوڀر ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي هڪ علامتي حملو ڪندو ۽ پنهنجي عوام کي ٻڌائيندو ته ڏسو اسان آمريڪا کي حملي جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي،ٻئي پاسي واشنگٽن ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستاني اهم شخصيتن کي جيڪا دعوت ڏني وئي هئي ان تي ملڪ ۾ وڏا شادمانا وڄايا ويا،هڪ ڏينهن اڳ ٽرمپ کي اسان امن جي نوبل انعام لاءِ نامزد ڪيو ٻئي ڏينهن هن ايران تي حملو ڪري ڏنو،ان کانپوءِ هاڻي اسان(پاڪستان)لاءِ شرمساري واري پوزيشن ٿي وئي آهي،

آمريڪي حملي بعد تيل جي اگهن ۾ 5 ڊالر واڌ جو امڪان

لنڊن/نيويارڪ (م ڊ) مارڪيٽ ماھرن جو چوڻ آهي ته تيل جي عالمي واپار جي شروعات سان ئي اگهن ۾ 3 کان 5 ڊالر في بيرل واڌ جو امڪان آهي، جيڪو ايران تي آمريڪي حملي سبب ٿي رهيو آهي. ايران اوپيڪجو ٽيون وڏو تيل پيدا ڪندڙ ملڪ آهي، ۽ تڪرار وڌڻ سان خطي ۾ خطرو وڌي سگهي ٿو. برينٽ جمعي تي 77.10 ڊالر ۽ ڊبليو ٽي آءِ  73.84 ڊالر تي بند ٿيو، پر تجزيه نگارن مطابق نئين هفتي جي شروعات تي قيمت 4-5 ڊالر وڌي سگهي ٿي. في الحال، اوپيڪ جي ٻين ملڪن وٽ واڌو پيداوار موجود آهي، جيڪا سپلاءِ کي متوازن رکڻ ۾ مددگار ٿي رهي آهي. يو بي ايس موجب، قيمتن جو ايندڙ رخ ايران جي ردعمل ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ جي شدت تي دارومدار رکندو.

بي-2 بمبار جهازن پاڪستاني حدون استعمال نه ڪيون: سڪيورٽي ذريعا

اسلام آباد (م ڊ) ايران تي آمريڪي هوائي حملي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي پاڪستانخلاف هلندڙ پروپيگنڊا مهم بابت سيڪيورٽي ذريعن وضاحت ڪئي آهي ته آمريڪي بي-2 بمبار جهازن پاڪستان جون فضائي حدون استعمال نه ڪيون، نه ئي ايران خلاف زمين، فضا يا سامونڊي علائقو استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان هر عالمي فورم تي ايران خلاف اسرائيلي حملن جي مذمت ڪئي آهي ۽ ايران جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پاڪستاني پرڏيهي وزارت به واضح ڪيو آهي ته پرامن ايٽمي توانائي تي آمريڪي حملا ناقابل قبول آهن، ايران کي گڏيل قومن جي منشور تحت پنهنجي دفاع جو مڪمل حق حاصل آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪستان نه ڪنهن بلاڪ سياست جو حصو آهي، نه ئي ڪنهن ٻئي ملڪ جي فوجي تڪرار ۾ شامل ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.