آمريڪي حملن خلاف جماعت اسلامي جو اڄ ملڪ گير احتجاج جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي ايران تي آمريڪي حملي جي سخت مذمت ڪندي اڄ يومِ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو. پارٽي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته آمريڪي جارحيت خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ٿيندا. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن آمريڪا پنهنجي جنگي ڪارروائي بند نه ڪئي ته جماعت اسلامي احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ منظم ڪندي. جماعت اسلامي پاران آمريڪا جي جنگي رويي کي عالمي امن لاءِ خطرو قرار ڏنو ويو آهي، ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته فوري طور تي جنگ بند ڪرائي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.