قومي سلامتي ڪاميٽي جو هنگامي اجلاس اڄ طلب

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي ڏسندي قومي سلامتي ڪاميٽي جو هنگامي اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو. اجلاس ۾ وفاقي وزير، صلاحڪار ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪندي. اجلاس ۾ ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌندڙ تڪرار، پاڪستان جي سلامتي تي امڪاني اثرن ۽ ردعمل تي غور ڪيو ويندو. اهو قدم تڏهن کنيو ويو آهي، جڏهن آمريڪا ايران جي فردو، نطنز ۽ اصفهان ايٽمي سهولتن تي سڌو حملو ڪري عملي طور اسرائيل جي جنگ ۾ شامل ٿي چڪو آهي. اجلاس دوران خطي جي صورتحال، اندروني و ٻاهرين سيڪيورٽي، ۽ مستقبل جي حڪمت عملي بابت اهم فيصلن جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.