چهل دوست آهي، ڪنهن جي ڪلهي تي چڙهي اڳتي وڌڻ جو ڪو شوق ناهي: آر جي مهيوش

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اسپنر يوزويندر چهل ۽ سندس گهرواري ڌناشري ورما جي طلاق سبب سمجهي ويندڙ آر جي مهوش نيٺ تنقيد ڪندڙن کي پنهنجي وڊيو ذريعي ڀرپور جواب ڏئي ڇڏيو.
ادڪارا آر جي مهوش انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن واضع انداز ۾ چيو ته ڀارتي اسپنر يوزويندر چهل سان دوستي جي بنياد تي ڪيريئر ٺاهڻ واري تنقيد بي بنياد آهي، هوءَ 2019ع کان انڊسٽري جو حصو آهي ۽ ان دوران ڪيترن ئي وڏن رانديگرن، بالي ووڊ ستارن سان ڪم ڪري چُڪي آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه پنهنجي محنت سان ڪيو ڪنهن جي سَپُورٽ سان نه.
هڪ سوشل ميڊيا يوزر مهوش کان سوال ڪيو ته ”توهان کي ته ڪرڪيٽ جو پتو به ناهي، پوءِ پِچ تائين ڪيئن پهتينءَ؟” جنهن تي مهوش طنزيه انداز ۾ وراڻيو ” مان ته تڏهن کان ايونٽس هوسٽ ڪري رهي آهيان، جڏهن تون پيدا به نه ٿيو هُئين.“
مهوش يوزويندر چهل سان دوستي کان اڳ واريون تصويرون شيئر ڪندي چيو ته هوءَ اڳ به انڊسٽري جي وڏن نالن سان لاڳاپيل رهي آهي ۽ کيس ڪنهن جي ڪلهي تي چڙهي اڳتي وڌڻ جو ڪو شوق نه آهي.
هن واضح ڪيو ته هوءَ هڪ ليکڪا به آهي ۽ ٻه ڪتاب پڻ لکي چڪي آهي، جيڪو چاهي ايمازون تي وڃي ڏسي سگهي ٿو.
ياد رهي ته يوزويندر چهل ۽ ڌناشري ورما جي طلاق کان اڳ چهل کي مهوش سان ڪيتريون ئي ڀيرا گڏ ڏٺو ويو هو، جنهن کان پوءِ افواهه گردش ڪرڻ لڳا هئا ته هو ٻئي هڪٻئي کي ڊيٽ ڪري رهيا آهن. پر مهوش اهڙي قسم جي افواهن کي رد ڪندي هن رشتي کي صرف ”دوستي“ قرار ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.