جناح اسپتال ۾ ڪانگو وائرس جي مريض جو علاج ٻن ڊاڪٽرن ۾ وائرس جون علامتون ظاهر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جناح اسپتال جي ٻن ڊاڪٽرن ۾ ڪانگو وائرس جون شڪي علامتون ظاهر ٿيون آهن.
اسپتال ذريعن موجب جناح اسپتال جي ٻن هائوس آفيسرن گذريل هفتي ڪانگو جي مريض کي طبي سهولتون فراهم ڪيون هيون، جيڪو علاج دوران لاڏاڻو ڪري ويو هو.
جناح اسپتال جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شاهد رسول ٻڌايو ته ٻنهي ڊاڪٽرن کي تيز بخار ۽ پيٽ ۾ تڪليف جون شڪايتون آهن، هڪ هائوس آفيسر پنهنجي گهر، جڏهن ته ٻيو جناح اسپتال جي ميڊيڪل آءِ سي يو ۾ آئيسوليٽ آهي.
هن ٻڌايو ته هڪ هائوس آفيسر ۾ ڪانگو وائرس جون 90 سيڪڙو علامتون آهن، ٻنهي ڊاڪٽرن ۾ مريض کي طبي امداد ڏيڻ جي ٻئي ڏينهن علامتون ظاهر ٿي ويون هيون، سندن پي سي آر ٽيسٽ جا نمونا ليب موڪليا ويا آهن ۽ رپورٽ سومر تي وصول ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.