سنڌ سرڪار جو عبدالستار ايڌي جي زندگيءَ تي فلم ٺاهڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سرڪاري ملڪ جي مشهور سماجي ڪارڪن ۽ ايڌي فائونڊيشن جي باني مرحوم عبدالستار ايڌي جي حياتي تي فلم ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اهڙو اعلان سڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمن ڪراچي ۾ ٿيل فلم فيسٽيول دوران ڪيو.
شرجيل ميمن چيو ته ڀارت فلمن ذريعي پنهنجي بيانئي کي عالمي سطح تي وڏي اثرائتي طريقي سان پيش ڪري رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ فلمي ميڊيم کي ايتري اهميت نٿي ڏني وڃي.
هن چيو ته پاڪستان ۾ اڻ ڳڻيون تاريخي ۽ سماجي ڪهاڻيون موجود آهن، جن تي فلمون ٺاهي نه رڳو پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪري سگهجي ٿو، پر نئين نسل کي پنهنجن هيروز سان روشناس به ڪرائي سگهجي ٿو.
شرجيل ميمن زور ڀريو ته قومي شخصيتن، خاص ڪري انهن ماڻهن جن مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون، تن جي زندگين تي فلمون ٺاهڻ وقت جي اهم گهرج آهي.
صوبائي وزير ٻڌايو ته سنڌ جي سڌ سماءُ واري وزارت فلمساز ستيش آنند سان گڏجي عبدالستار ايڌي جي زندگي تي فلم تيار ڪري رهي آهي، فلم بابت وڌيڪ تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.