اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي ترڪيه جي صدر سان اهم ملاقات ٿي آهي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان گڏ اسلامي سهڪار تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 51هين اجلاس جي موقعي تي ترڪ صدر رجب طيب اردگان سان ملاقات ڪئي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب ملاقات دوران پرڏيهي وزير، وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران صدر اردگان لاءِ نيڪ خواهشن ۽ گرمجوشيءَ تي ٻڌل پيغام پهچايو ۽ پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ مضبوط ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو.
ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، جڏهن ته عالمي قانون جي واضح ڀڃڪڙي تي ٻڌل اسرائيلي حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ ايران جي خودمختياري، علائقائي سلامتي ۽ گڏيل قومن جي منشور تحت ان جي دفاع جي حق جي مڪمل حمايت ورجائي.
اڳواڻن تڪرار گهٽائڻ لاءِ سفارتي ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته علائقي ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
ٻنهي ڌرين غزا ۾ جاري اسرائيلي ڏاڍ کي ترت روڪڻ ۽ فلسطيني عوام تائين انساني امداد جي بنا روڪ فراهمي لاءِ ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو.
او آءِ سي اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي ترڪ صدر سان ملاقات، اسرائيلي جارحيت جي مذمت
You might also like