اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ وڏي آنڊي جي ڪينسر جي جگر تائين پکيڙ جي علاج لاءِ پهريون ڪامياب ٽرانسپلانٽ ڪيو ويو.
پاڪستان ۾ آنڊن جي ڪينسر سان متاثر جگر جو پهريون ڪامياب ٽرانسپلانٽ شفا انٽرنيشنل اسلام آباد ۾ ڪيو ويو.
ڪراچي سان واسطو رکندڙ عورت کي وڏي آنڊي جي آخري حصي ۾ ڪينسر جي سڃاڻپ ٿي هئي، جيڪو پوءِ جگر تائين پکڙجي ويو، جنهن کانپوءِ آنڊن جي ڪينسر سان متاثر جگر جو ٽرانسپلانٽ ڪيو ويو.
ٽرانسپلانٽ دوران پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ڪينسر جي مريض عورت جو مڪمل جگر ڪڍي مڙس جو جگر لڳايو ويو.
ڊاڪٽرن موجب ڪينسر عورت جي جگر کي مڪمل تباهه ڪري ڇڏيو هو، مڙس زال جي حياتي بچائڻ لاءِ جگر جو کاٻو حصو عطيو ڪيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عورت هاڻ مڪمل طور محفوظ آهي ۽ معمول جي زندگي گذاري رهي آهي.
You might also like