پاڪستان وچ اوڀر ۾ امن جي هر ڪوشش ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف آمريڪا جي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان ڳالهه ٻولهه دوران چيو آهي ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ امن جي هر ڪوشش ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيارآهي. وزيراعظم شهباز شريف سان آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ٽيليفون تي رابطو ڪيو. وزيراعظم آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان-ڀارت جنگ جو خطرو ٽارڻ لاءِ وزير روبيو جي سفارتي ڪوششن جي ساراهه ڪئي. وزيراعظم چيو ته ٽرمپ جا پاڪستان بابت هاڪاري بيان ڏکڻ ايشيا ۾ امن لاءِ همٿائيندڙ آهن ۽ پاڪستان ڀارت سان سڀني تڪراري مسئلن تي بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير، سنڌ طاس معاهدي، واپار ۽ دهشتگردي جي خاتمي تي به ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم ايران-اسرائيل بحران جو پرامن حل ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ امن جي هر ڪوشش ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا کي واپار، توانائي، آءِ ٽي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ گهرجي. هن بندش پيل بي ايل اي، ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد گروپن خلاف ڪاروائي جاري رکڻ جو عزم ورجايو. وزيراعظم فیلڊ مارشل عاصم منير جي صدر ٽرمپ سان ملاقات کي هاڪاري قرار ڏنو. اعلاميي موجب، پاڪستان ۽ آمريڪا عملي تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، جڏهن ته وزيراعظم صدر ٽرمپ کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ورجائي ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير کي به جلد پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. آمريڪي پرڏيهي وزير پاڪستان جي دهشتگردي خلاف ڪوششن جي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته آمريڪا هر قسم جي دهشتگردي جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان سان مڪمل تعاون ڪندو. آمريڪي پرڏيهي وزير پاڪستان جي علائقائي امن لاءِ ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان ايران سان ويجهن تعلقات وسيلي علائقي ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.