ڪراچي (رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ پنجاب حڪومت طرفان سنڌ دشمن ۽ تڪراري چولستان، چوباره ۽ جلال پور ڪئنالن لاءِ بجيٽ ۾ پئسا رکڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پنجاب حڪومت پاران پيش ڪيل مالي سال 2025.26 جي بجيٽ ۾ تڪراري ڪئنال رٿائن لاءِ وڏي رقم مختص ڪرڻ واري فيصلي، ملڪ جي بين الصوبائي اعتماد، وسيلن جي منصفاڻي ورهاست ۽ سنڌ جي پاڻي حقن تي هڪ ڀيرو ٻيهر سنجيده سوال اٿاري ڇڏيا آهن، گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي واضح فيصلن ۽ وزيراعظم شهباز شريف سميت اعليٰ حڪومتي واعدن جي ابتڙ، پنجاب جي حڪومت تڪراري ڪئنالن لاءِ بجيٽ مختص ڪري سنڌ دشمن پاليسين کي جاري رکڻ جو واضع اشارو ڏنو آهي، هن وڌيڪ چيو ته پنجاب حڪومت تڪراري ڪئنالن جي تعمير لاءِ بجيٽ ۾ پئسا رکي پ پ جي جشن ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه جي سمورن دعوائن کي ڌوڙ ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي هاڻي پاڻ ئي پنهنجن حقن جي حفاظت لاءِ نه صرف آواز اٿارڻو پوندو ۽ اهڙي تاريخي جدوجهد لاءِ تياري ڪرڻي پوندي جنهن سان مستقبل جي نسلن لاءِ پاڻي، وسيلن، ۽ حقن جي ضمانت حاصل ڪري سگهجي. جڏهن ته پنجاب حڪومت جي رويي خلاف صرف احتجاج نه، بلڪه قانوني جنگ جي به ضرورت آهي ۽ ان لاءِ سنڌ کي هڪ آواز ٿي اڳتي وڌڻو پوندو. ھن وڏي وزير مراد علي شاھه کان به گھر ڪئي ته ھو ان سلسلي ۾ سي سي آءِ سميت ھر فورم تي سنڌ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙي توڙي تڪراري واھن خلاف آواز اٿاري سنڌ جي نمڪ حلالي جو ثبوت ڏي.