شڪارپور(رپورٽ: ذوالفقار مگسي) گذريل ڏينهن شڪارپور لڳ مديجي جي ڪچي جھٻر شيخ ٿاڻي جي حد ڳوٺ حفيظ ڪلھوڙو ۾ جوڻيجو برادري جي ھٿياربند ھٿان مارجي ويل چئن نوجوانن اعتبار ،رياض ،معشوق ،اظھر ڪلھوڙو جا لاش وارثن بنا پوسٽ مارٽم جي جنازي نماز بعد اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪري ڇڏيا، ذريعن موجب پوليس 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود جاءِ واردات تي پهچي نه سگھيو، تنھن ڪري وارثن مڙھه مٽي ماءُ حوالي ڪيا، آخري اطلائن تائين واقعي جو ڪيس داخل ن ٿي سگھيو هو.