لنڊن ۾ ايران تي اسرائيلي جارحيت خلاف مظاهرو، قدم کڻڻ جو مطالبو

لنڊن(م ڊ)لنڊن ۾ ايران تي اسرائيل جي جارحاڻن حملن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ مظاهرين اسرائيلي جارحيت جي  سخت مذمت ڪندي گڏيل قومن کان جنگ بندي لاءِ فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو، ايراني ميڊيا موجب احتجاجي مظاهري ۾ ايراني نسل وارا برطانوي شهري ۽ ٻين قوميتن جا مقامي ماڻهو وڏي انگ ۾ شريڪ هئا، مظاهرين جو مطالبو هو ته اسرائيل کي هٿيار ڏيڻ بند ڪيا وڃن ۽ کيس عالمي عدالتن آڏو پيش ڪيو وڃي،ان تي سخت پابنديون لاڳو ڪيون وڃن،واپاري بائيڪاٽ ڪيو وڃي ۽ ايران خلاف ٿيندڙ هن نسل ڪشي کي ترت روڪيو وڃي، مظاهري ۾ شرڪت ڪندڙ هڪ ايراني ڄايل برطانوي عورت جو چوڻ هو، اسان ايراني ماڻهن تي اڳ به ڪيترائي جارحاڻي حملا ۽ جنگي ڪاروايون ڏٺيون آهن، اسان انهن کي ڀوڳيو آهي، ان ڪري اسان چڱيءَ طرح محسوس ڪري سگهون ٿا ته اهڙن حالتن ۾ ماڻهن تي ڇا گذري ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.