ڪراچي ۾ قوم پرست اڳواڻ جي گهر تي پوليس جي چڙهائي،والد کنڀي گم

ڪراچي اوڀر (ن ع آ) ڪراچي جساف آريسر اڳواڻ سرمد ميراڻي جي سچل ڳوٺ واري گھر تي گذريل رات دير سان حيدرآباد پوليس اٽالن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اھلڪارن جي چڙھائي  پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ  اھلڪار جساف اڳواڻ سرمد ميراڻي جي والد عزيز ڀٽي ٿاڻي تي مقرر ٿيل انسپيڪٽر ذوالفقار عرف ذلفي ميراڻي کي کنڀي کڻي ويا، ذلفي ميراڻي جي پٽ صحافي فراز ميراڻي ٻڌايو ته صبح جو سوير حيدرآباد پوليس ۽ ٻيا اسان جي گهر ۾ داخل ٿيا ۽ والد کي چيائون ته گڏجي هلو اوهان کان جاچ ڪرڻي آهي، جنهن بعد بابا کي کنڀي کڻي ويا پر هاڻ ڪٿي به ڪو ڏس پتو نه ٿو ملي،سچل ٿاڻي جي وڏي منشي زاھد رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان جي حد ۾ پوليس انسپيڪٽر ذوالفقار ميراڻي جي گھر تي چڙھائي ۽ ان جي گرفتاري بابت ڪا ڄاڻ نه آھي، ان سلسلي ۾ جساف آريسر اڳواڻ اسلم خيرپوري چيو آھي ته سرمد جي والد پوليس آفيسر انسپيڪٽر ذوالفقار عرف ذلفي ميراڻي کي جبري کنڀي کڻي ويا آھن اسان ان عمل کي سڌو رياستي ڏاڊ جبر سمجهندي ان ڪريل حرڪت کي برداشت نه ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.