ماسڪو(م ڊ) روس آمريڪا کي ايران خلاف جارحيت ۾ سڌي فوجي مدد ڏيڻ کان پري رهڻ لاءِ خبردار ڪيو آهي، رائٽرز مطابق، روس جي نائب پرڏيهي وزير سرگئي ريابڪوف خبردار ڪيو ته جيڪڏهن آمريڪا اسرائيل کي سڌي فوجي مدد فراهم ڪري ٿو، ته اهو قدم وچ اوڀر جي صورتحال کي انتهائي غير مستحڪم بڻائي سگهي ٿو، روس آمريڪا کي اهڙي ڪنهن به مدد ڏيڻ يا ان تي غور ڪرڻ کان باز رهڻ جو سخت تنبيهه ڏئي ٿو. ماسڪو اسرائيل ۽ ايران ٻنهي سان رابطي ۾ آهي.