ايران تي حملن لاءِ مصنوعي ذهانت ۽ اسمگل ٿيل ڊرونز جو استعمال

واشنگٽن(م ڊ) هڪ آمريڪي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل جديد مصنوعي ذهانت (AI) جي مدد سان ايران جي ايٽمي ۽  فوجي هدفن جو انتخاب ڪيو آهي. تهران ۾ موساد جون اسمگل ٿيل ڊرون گاڏيون پڪڙيون ويون.ميڊيا رپورٽن مطابق، اسرائيل پاران مصنوعي ذهانت جي جديد طريقن جي ذريعي وڏي پيماني تي ڊيٽا جو تجزيو ممڪن ٿيو آهي. موساد گهٽ ۾ گهٽ 3 سال تائين ايران جي جوهري پروگرام کي نشانو بڻائڻ جي منصوبابندي ڪئي. آمريڪي اخبار مطابق، موساد هٿياربند ڊرون ۽ هٿيارن سان ڀريل گاڏيون ڳجهيءَ ريت ايران اندر اسمگل ڪيون، جيڪي ايران جي فضائي دفاع کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيون ويون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.