ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي تعليمي بورڊ جي انٽرميڊيئيٽ امتحانن جي نتيجن ۾ وڏي پيماني تي ردو بدل جو انڪشاف ٿيو آهي، ان حوالي سان آڊٽ رپورٽ مطابق 2021، 2022 ۽ 2023 جي نتيجن ۾ پري ميڊيڪل گروپ جي نتيجن ۾ واضح ڌانڌلي ڪئي وئي، جاچ سان لاڳاپيل اهم دستاويز به غائب آهن، نتيجن ۾ هٿ چراند ڪئي وئي ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي، انتظاميا جو چوڻ آهي ته جاچ ڪئي وئي ۽ ذميوارن کي عهدن تان هٽايو ويو پر آڊٽ عملدارن جو چوڻ آهي ته جاچ رپورٽ مهيا نه ڪئي وئي ۽ ذميوارن جي سڃاڻپ به واضح نه ٿي سگهي.