اسان بجيٽ تي تنقيدي تقريرون رڳو عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ ڪندا آهيون:سينيٽر دنيش ڪمار

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)بي اي پي جي سينيٽر دنيش ڪمار چيو آهي ته اسان کي رڳو سينيٽ ۾ تقريرون ڪرڻ ئي نصيب ٿينديون آهن باقي اسان جيڪي سفارشون موڪليون ٿا انهن تي ته ڪو عملدرآمد ناهي ٿيندو،سينيٽ ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته اڄ صحافين مون کان سوال ڪيو ته بجيٽ تي اتحادي به تنقيد ڪري رهيا آهن ائين لڳي  پيو هي بجيٽ پاس نه ٿيندي جنهن جي جواب ۾ مون چيو ته بجيٽ منظور ٿي ويندي، اها اسان وچ ۾ ميچ فڪسنگ هوندي آهي، اهو اسان عوام کي پاڳل بڻائڻ لاءِ هتي ڳالهيون ڪندا آهيون، اهو سچ آهي،منافقت ناهي،هن چيو ته ووٽ جي وقت تي اسان چاهيندي يا نه چاهيندي اسان حڪومت کي ووٽ ڏيندا آهيون،مان ڀلي بجيٽ جي مخالفت ۾ ڳالهايان پر ووٽ مهل حڪومت جي پاسي هليو ويندو آهيان،منافقت نه ٿيڻ گهرجي،هن چيو ته اسان کي بجيٽ دستاويزن جو ٿهو ڏئي اهو چيو ويندو آهي ته ان تي تجويزون ڏيو،خبر ناهي منهنجي ساٿين بجيٽ جا تفصيل پڙهيا آهن يا نه ؟ پر مان حلفيه چوان ٿو ته  مان هڪ سيڪڙو به انهن کي نه پڙهي سگهيو آهيان،هن چيو ته مان اڪثر اهو چوندو آهيان پوءِ ماڻهو چوندا آهن ته غير مسلم ٿي اهو ڳالهائي ٿو،اسان جي بجيٽ جو هن ڀيري به 50 سيڪڙو وياج جي ادائگين ۾ وڃي رهيو آهي،قرآن شريف ۾ چيو ويو آهي ته وياج الله ۽ الله جي رسول صلعم سان جنگ آهي ته پوءِ پاڪستان ڪيئن ترقي ڪندو؟ جڏهن توهان پنجاهه پنجاهه سيڪڙو وياج ۾ ڏيندا ۽ وياج مٿان وياج کڻندا، هن چيو ته جيئن وياج ڏيندڙ قرض کڻندڙ جون جائيدادون گروي رکي ان کي روڊ تي کڻي ايندو آهي اهو ئي ڪم آءِ ايم ايف اسان سان ڪري رهيو آهي، هن چيو ته اسان قرض جو پئسو عياشين ۾ اڏائي ڇڏيون ٿا ۽ اسان جي ايندڙ نسلن کي نتيجا ڀوڳڻا پون ٿا، هن چيو ته اسان جي تجويزن تي عمل نه ٿيڻ سنگين مذاق آهي، اسان جي هڪ به بجيٽ تجويز تي عمل نٿو ٿئي ،هن چيو ته ڪاربن ليوي صوبن کي ڏيڻ گهرجي، ماحوليات جو کاتو صوبن وٽ آهي اتي ئي ماحوليات جي حوالي سان اها رقم خرچ ٿيڻ گهرجي ،هن چيو ته اليڪشن ڪميشن لاءِ 10 ارب ساليانو،ايوان صدر لاءِ هڪ ارب 76 ڪروڙ، قومي اسيمبلي لاءِ ساڍا 16 ارب،سينيٽ 9 ارب، هي ڪهڙي ڪفايت شعاري آهي،انهن قدمن سان عوام کي اسان ڪهڙو منهن ڏيکارينداسين؟هن چيو ته اقليتن لاءِ وفاق ڪا به بجيٽ ناهي رکي، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ پ پ جي حڪومتن جو ٿورائتو آهيان انهن اقليتن لاءِ بجيٽ ۾ فنڊ رکيا آهن،هن چيو ته مذهبي معاملن واري وزارت جي ڪري هن سال 70 هزار جي لڳ ڀڳ حاجي حج کان محروم ٿي ويا،هڪ غير مسلم طور منهنجي لاءِ اهو ٻڏڻ جو مقام آهي پر انهن کي شرم نٿو اچي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.