ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي تعليمي ماهرن، اديبن ۽ عالمن ٻارهين ڪلاس جي سنڌي درسي ڪتاب کي جديد دور جي تقاضائن جي ابتڙ قرار ڏيندي ڪتاب جي مڪمل نئين سري سان ايڊيٽنگ ڪرڻ ۽ جدت آڻڻ جون تجويزون ڏنيون آهن، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران سنڌ ۾ نصابي ڪتابن جي حوالي سان قائم ڪيل جائزا ڪميٽيءَ جي پھرئين اجلاس ۾ تعليمي ماهرن، عالمن ۽ اديبن ان ڳالھھ تي زور ڀريو آهي ته ٻارن جي سکيا لاءِ مقرر ڪيل هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته درسي ڪتابن ۾ اهڙا سبق شامل ڪيا وڃن جيڪي ٻارن جي تربيت، علم ۾ واڌاري ۽ تنقيدي شعور جي واڌ ويجهه ۾ مددگار ثابت ٿين، گڏوگڏ ڪتابن ۾ شامل مواد جي ٻوليءَ جي اثرائتي استعمال، سماجي ذميواري، اجتماعي سوچ ۽ عقلي پهلوءَ کي اجاگر ڪرڻ ۾ پڻ اثرائتا ثابت ٿي سگھن. ڄاڻايل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ رهنما اصول ترتيب ڏيڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي آھي، گڏجاڻيءُ ۾ نالي وارن عالمن، اديبن ۽ تعلمي ماھرن جامي چانديو، ڊاڪٽر اسحاق سميجو، ڊاڪٽر سحر امداد، ڊاڪٽر فياض لطيف، ادريس جتوئي، قاضي آصف، نصير مرزا، زوار نقوي، دلشاد احمد ڏيٿو، آغا رفيق، جمشيد احمد جوڻيجو، نريش ڪمار، عبدالرحمان انڍڙ ۽ سنڌ ٽيڪٽ بوڪ بورڊ جي ڊپٽي سيڪريٽري خالد آزاد شرڪت ڪئي. ذريعن موجب ڄاڻايل عالمن اديبن چيو ته ٻارهين ڪلاس جي ڪتاب جي سبق ۽ سمجهائڻي ۾ اتر اولھھ جيترو تضاد آهي، سبق هڪ ڳالھھ ٿو چوي ته وري ان جي سمجهائڻي ٻي رخ ۾ ڏنل آهي، ڪتاب ۾ اديبن شاعرن جو تعارف به جهڙو ناهي لکيل، جيڪو تعارف ڪرايو ويو آهي اهو سطحي آهي ۽ ٻارهين ڪلاس جي شاگرد جي سطح کان هيٺ آهي، هڪ اديب يا شاعر جو ڊگري ماضي جي عهدي سميت تعارف لکيو ويو آهي ته ٻي پاسي ٻي تعارف ۾ ان شخص جي عهدن توڙي ڊگري سميت ساڳيون ڳالهيون ناهن لکيون ويون، ايڊيٽر اويس ڀٽي جو نالو ٽي ٽي ڀيرا ڇپرايو ويو آهي جيڪو عمل غلط آهي، رويو گڏجاڻي ۾ چيو ويو ته ڪتاب ۾ رڳو شاعري ۽ ادب تي زور ڏنو ويو آهي، جڏهن ته زراعت ، جاگرافي، تاريخ ، سائنس سميت اهم موضوع نظر اندا ڪيا ويا آهن ، ڪتاب ۾ نئون مواد نوان سبق جديد دور جي گهرجن موجب شامل ڪرڻ کپن، هنن چيو ته سهڙيندڙ به اهي آهن جيڪي 30 سال اڳ گذاري ويا، عبدلڪريم سنديلو، اياز قادري ۽ ٻين جا نالا سهڙيندڙ خور ڏنا ويا آهن، جن ڪتاب سهيڙيو ئي ناهي ۽ هن دنيا ۾ به ناهن ، هنن چيو ته ڪتاب ۾ گرامر اجائي شامل ڪئي ويئي آهي، ٻار ڏهين ڪلاس تائين گرامر پڙهي آيا آهن وري ٻارهين ڪلاس ۾ به گرامر جو وڏو حصو شامل ڪيو ويو آهي جنهن کي ڪڍڻ جي ضرورت آهي، درسي ڪتابن ۾ سھيڙيل مواد جي بدران تخليقي ۽ طبع زاد مواد شامل ڪرڻ گھرجي، ھن وڌيڪ چيو تھ درسي ڪتابن ۾ نفرت انگيز مواد جي نشاندھي ڪرڻ ۽ ان کي ختم ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي، ضروري آھي تھ جيئن درسي ڪتابن ۾ شامل مواد کي سمورن مذھبي عقيدا رکندڙ شاگردن لاءِ قبوليت جوڳو ھئڻ گھرجي نئون مواد شامل ڪجي.