خامنه اي کي وڌيڪ “زندهه“ رهڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي: اسرائيل

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) ايران جي تازن ميزائل حملن بعد ٿيل تباهي کانپوءِ اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو ايران کي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته ان حملي جي کين ڳري قيمت چُڪائڻي پوندي .
جاري ڪيل بيان ۾ اسرائيلي وزيراعظم چيو ته ايراني ميزائلن سروڪا اسپتال ۽ مرڪزي اسرائيل ۾ شهري آباديءَ کي نشانو بڻايو آهي.
نيتن ياهو جو چوڻ هو ته ايراني ظالمن جو هي عمل برداشت ڪرڻ جوڳو آهي، اسپتال تي حملي جي ايران کي سخت سزا ڀوڳڻي پوندي.
ٻئي پاسي اسرائيلي بچاءَ واري وزير يوآو گالانٽ چيو آهي ته اڄوڪي حملي جو پلان آيت الله خامنه اي کان وٺنداسين، جيڪي بنڪر ۾ ويهي عام شهرين تي حملن جا حڪم ڏئي رهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته خامنه اي کي وڌيڪ زنده رهڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي ۽ سندس حڪومت کي مڪمل طور تباهه ڪيو ويندو.
هن جو چوڻ هو ته تهران ۾ موجود خطري کي ختم ڪرڻ لاءِ حملي ۾ شدت آڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
واضح رهي ته ايران اڄ صبح هڪ ڀيرو ٻيهر اسرائيلي شهرن تي بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا، جن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 65 اسرائيلي زخمي ٿي چڪا آهن، جن ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.