آمريڪي صدر ايران تي حملي جي منظوري ڏئي ڇڏي؟

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي حملي جي رٿابندي جي منظوري ته ڏئي ڇڏي آهي، پر اڃا تائين حتمي حڪم جاري نه ڪيو ويو آهي.
آمريڪي اخبار ”وال اسٽريٽ جرنل“ پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته ٽرمپ اڱاري جي رات پنهنجن سينيئر صلاحڪارن کي آگاهه ڪيو ته هن ايران تي حملي جو منصوبو منظور ڪري ورتو آهي، پر في الحال حڪم نه پيو ڏئي ته جيئن ڏسجي ته ايران پنهنجو جوهري پروگرام تان هٿ کڻي ٿو يا نه.
اخبار اِها رپورٽ اڱاري ڏينهن ٽن باخبر ذميوار ذريعن جي حوالي سان شايع ڪئي وئي آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايران جي هڪ اهم جوهري ٿاڪ ” فردو“ آمريڪي حملي جو امڪاني هدف آهي، جيڪا هڪ جبل جي اندر قائم آهي.
عسڪري ماهرن موجب، ان کي رڳو انتهائي طاقتور بم ذريعي ئي نشانو بڻائي سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.