اسلام آباد(امتياز گل) ڊونلڊٽرمپ ۽ جنرل عاصم منير جي ملاقات مان اھو ظاھر ٿئي ٿو تھ صدر ٽرمپ ايران جي سڌي يا اڻ سڌي حمايت کي بي اثر ڪرڻ گھري ٿو.لنچ تي ٿيندڙ ھن ملاقات سان ھڪ ڳالھھ اھا بھ چٽي ٿيندي تھ ملڪ اندر جيڪا بظاھر جمھوري حڪومت ن ليگ ۽ پ پ جي اتحاد وسيلي ھلي رھي آھي اھو جمھوريت جو لبادو ھٽي ويندو.ٽرمپ جيڪي جمھوريت لاءِ ڳالھيون ڪيون ۽ فوجي حڪومت خلاف ڳالھايون ڪيون سو لڳي ٿو سڀ شعبدي بازي ھئي.آمريڪي صدر لاءِ اھم اھوئي ھوندو جيڪو مشورو کيس آمريڪي اسٽبلشمنٽ وٽان ملندو.جيتوڻيڪ ٽرمپ بار بار چوندو رھيو تھ ڊيپ اسٽيٽ کي سڌارڻو آھي.اھا ملاقات پاڪستاني اسٽيبلشمنٽ ۽ ملڪ لاءِ غير معمولي اھميت جوڳي آھي.ان مان پڌرو ٿيندو تھ پاڪستان اڳتي جمھوريت ملڪ ٿي ھلندو يا عملي طور تي فوج جي ڪنٽرول ۾ ھلندو رھندو.فوج ئي فيصلو ڪندي تھ ان کي آمريڪي ڪيمپ ۾ رھڻو آھي يا چين جي ڪيمپ ۾.اھڙي وقت ۾ جڏھن ملڪ ۾ وزيراعظم بھ موجودآھي آرمي چيف جي آمريڪي صدر سان ملاقات جنھن ۾ گڏيل اوليتن تي ڳالھيون ٿينديون اھو عمل اسان گذريل ڪيترن ئي ڏھاڪن کان ڏسندا پيا اچون.فيلڊ مارشل ايوب خان کان فيلڊ مارشل عاصم منير تائين.افغانستان سبب پاڪستان ٻھ ڀيرا جنرل ضيا۽ مشرف جي دور ۾ آمريڪي ڪيمپ جوحصو بڻيو.اهو به چيو پيو وڃي ته اوول ھائوس ۾ ايران خلاف پاڪستان کي نيوٽرلائز ڪرڻ لاءِ اھا ملاقات ٿي رھي آھي.پاڪستان کان نيوٽرل رھڻ جو مطالبو ڪيو ويندو.ٻيو مقصد روس ۽ چين کان پري رکڻ بھ آھي.سوال آھي تھ ڇا پاڪستان چين ۽ آمريڪاوچ ۾ تواز برقرار رکي سگھندو يا نه؟