وائيٽ هائوس ملاقات فيلڊ مارشل جي خاموش سفارت ڪاري جو نتيجو قرار

اسلام آباد(م ڊ) عالمي معاملن جي ماهر عمر اظهر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير جي آمريڪي صدر سان وائيٽ هائوس ۾ ٿيل ملاقات تاريخ جو هڪ انوکو لمحو آهي. هي پهريون ڀيرو آهي جو پاڪستان جو ڪو به آرمي چيف، نه مارشل لا حڪمران ۽ نه ئي ڪو سياسي عهدو رکندڙ، آمريڪي صدر سان سڌي ملاقات لاءِ وائيٽ هائوس پهتو. هن ملاقات جي پويان جيڪا ڪهاڻي آهي، اها روايت کان هٽي، خاموش سفارتڪاري، سلامتي تعاون ۽ سياسي رسائي جو پيچيده ميلاپ آهي.هي ملاقات پاڪستان جي پرڏيهي کاتي ذريعي شروع نه ٿي، پر اها هڪ محدود پر اثرائتي  مشاورتي گروپ جي اڳڪٿي ڪيل حڪمت عملي جو نتيجو هئي، جيڪا آرمي چيف جي چوڌاري موجود آهي. هن تبديلي جو اهم چهرو ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ هو، جنهن جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان آمريڪا سان دهشتگردي خلاف نمايان سهڪار وڌو. ان سهڪار جي وڏي اڳڀرائي اها هئي ته ڪابل ايئرپورٽ حملي جهڙن وڏن واقعن ۾ مطلوب انتهاپسندن کي آمريڪا حوالي ڪيو ويو. فوجي سطح تي پيدا ٿيندڙ هيءَ ويجهڙائپ آرمي چيف لاءِ آمريڪي صدر تائين سڌي رسائي جو ذريعو بڻجي وئي،هن چيو ته روايتي سفارتڪاري سان گڏوگڏ پاڪستان هڪ نئين واٽ به آزمائي، جنهن کي ماهر "ڪرپٽو ڊپلوميسي” سڏين ٿا. هن ۾ مرڪزي ڪردار "ورلڊ لبرٽي فائينينشل انڪ” (WLFI) نالي آمريڪي مالي اداري جو هو، جنهن جا ٽرمپ خاندان سان مالي لاڳاپا آهن. ان جي نمائندي زڪري وٽڪوف پاڪستان جا ڪيترائي دورا ڪيا ۽ آرمي چيف سميت اعليٰ اختيارين سان ملاقاتون ڪيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.