ايران جو سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ جو فيصلو

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران ملڪ ۾ انٽرنيٽ تي عارضي پابنديون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو مقصد اسرائيل خلاف جنگي صورتحال ۽ عوام جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي.
ايراني مواصلات واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ جي حساس حالتن کي نظر ۾ رکندي، حڪومت قومي سلامتي ۽ عوامي مفادن خاطر انٽرنيٽ تي عارضي پابنديون لاڳو ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
اهو فيصلو ان وقت سامهون آيو آهي، جڏهن گذريل ڏينهن ايران ميٽا ڪمپني جي ملڪيت واٽس ايپ تي الزام لڳايو هو ته اها ايراني واهپيدارن جي ڊيٽا اسرائيل سان ونڊي رهي آهي.
ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي پسمنظر ۾ واٽس ايپ جون سرگرميون شڪي بڻجي ويون آهن ۽ اھو چيو پيو وڃي ته پليٽفارم ايراني شهرين جي ڄاڻ اسرائيلي اختيارين تائين پهچائي رهيو آهي.
ان الزام جي بنياد تي حڪومت پنهنجي شهرين کي واٽس ايپ ڊليٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.