تهران/تل ابيب (ويب ڊيسڪ) خميس جي صبح ايران طرفان اسرائيل تي ڪيئي بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا ويا، جن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 65 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن، جن مان ٽن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ايراني ميزائل حملن کانپوءِ تل ابيب ۽ والاريل بيت المقدس (يروشلم) ۾ زور دار ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن.
اسرائيلي ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته تل ابيب جي گشدان واري علائقي، صحراءِ نقب سميت گهٽ ۾ گهٽ 4 علائقن ۾ 6 ميزائل ڪِريا آهن، جڏهن ته صحراءِ نقب ۾ هڪ عمارت ميزائل حملي جي نتيجي ڊهي پٽ پئجي وئي.
ريسڪيو اختيارين موجب، يَر السبع شهر ۾ قائم ساروڪا اسپتال تي به ميزائل ڪِريو، جنهن سبب وڏي پيماني تي تباهي ٿي آهي.
اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايراني ميزائل حملو اڳئين حملن جي ڀيٽ ۾ تمام وڏو ۽ شديد هو ۽ نقصان جا تفصيل هوريان هوريان سامهون اچي رهيا آهن.
اسرائيلي ميڊيا اِها به دعويٰ ڪيو آهي ته ايران ڏکڻ اسرائيل ۾ خاص طور اسپتال کي نشانو بڻايو، جڏهن ته تل ابيب، حولون ۽ ٻين ڪيترن ئي هنڌن تي وڏو نقصان ٿيو آهي.
ٻئي پاسي ايراني ميڊيا جو موقف آهي ته اڄ صبح ٿيل ميزائل حملن ۾ اسرائيلي فوجي قيادت، انٽيليجنس هيڊڪوارٽر ۽ انٽيليجنس ڪئمپ کي نشانو بڻايو ويو آهي، جڏهن ته ساروڪا اسپتال کي ڪو سڌي ريت نشانو نه بڻايو ويو آهي، پر اهو فوجي مرڪزن جي ويجهو هئڻ سبب جزوي طور متاثر ٿيو آهي.
ايران جو تازي ڇڪتاڻ دوران اسرائيل تي هيل تائين جو سڀ کان وڏو حملو، ڪيئي شهرن ۾ ڌماڪن جي گونج
You might also like