غزا ( م ڊ) غزا ۾ اسرائيلي ٽينڪن جي امدادي مرڪز ويجهو گولاباري، شهيد فلسطينيَن جو انگ 74 ٿي ويو، اکين ڏٺن شاهدن موجب ماڻهو ٻارن کي کاڌو کارائڻ لاءِ چيتڙن ۾ تبديل ٿي ويا هئا، اسرائيلي ٽينڪن غزا پٽيءَ ۾ انهن ماڻهن تي گولاباري ڪئي، جيڪي امدادي ٽرڪن مان خوراڪ حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا، جنهن سبب شهيد فلسطينيَن جو انگ 74 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته 200 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن، طبي ماهرن موجب هي واقعو انهن سڀني مان هڪ ڏاڍو ڏکوئيندڙ واقعو هو، جتي بک کان پريشان ماڻهن خوراڪ لاءِ جاکوڙ ڪئي پئي.