راولپنڊي(م ڊ) پاڪ فوج جي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف ڀارت خلاف آپريشن ۾ پاڪستاني عوام جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته آپريشن بنيان مرصوص ۾ پاڪستاني عوام، خاص طور تي شاگردن ۽ شاگردياڻين اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ڀارتي حڪمت عمليءَ جا مغالطا هميشه لاءِ زمين بوس ڪري ڇڏيا، رپورٽ موجب ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف جناح يونيورسٽي براءِ عورتون ڪراچي جو دورو ڪيو، جتي هن شاگردياڻين کي "آپريشن بنيان مرصوص ۾ دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج جي حڪمت عملي ۽ قربانين بابت آگاهي ڏني، هن چيو ته هن آپريشن ۾ عوام، خاص طور شاگردن ۽ شاگردياڻين، انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ڀارت جي اسٽريٽجڪ مفروضن کي پٽ پئجي ويو، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، جڏهن ته بلوچستان جا ماڻهو پاڪستان سان مذهب، ثقافت ۽ روايتن جي اڻ ٽٽ رشتن ۾ ٻڌل آهن، ان موقعي تي جناح ويمن يونيورسٽي جي انتظاميا ۽ شاگردياڻين پاڪ فوج کي جنگي ڪاميابين تي ڀيٽا پيش ڪئي. شاگردياڻين جو چوڻ هو ته اسين پاڪ فوج مان آهيون ۽ پاڪ فوج عوام مان آهي، شاگردياڻين چيو ته عوام ۽ فوج جو رشتو هميشه مضبوط رهيو آهي، آهي ۽ هميشه رهندو. هنن جذبي سان ڀرپور شرڪت ڪئي ۽ اهڙن وڌيڪ سيشنز جي خواهش جو اظهار ڪيو.