تل ابيب(ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوج جي ترجمان ايران کي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته اسرائيل طرفان لبنان، غزا ۽ اولهه ڪناري ۾ جيڪي ڪارروائيون ڪيون ويون آهن، ايران ۾ به اهڙي طرز تي آپريشن جاري رهندو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، گذريل ڏينهن پريس بريفنگ دوران اسرائيلي فوج ترجمان ايران تي ٿيل حملن بابت ڳالهائيندي مستقبل جي هدفن جو اعلان ڪرڻ کان انڪار ڪيو.
هن ٻڌايو ته آچر جي ڏينهن ايران تي ٿيل حملن ۾ پنجاهه کان وڌيڪ جهازن حصو ورتو، جن 120 کان وڌيڪ هدفن کي ڪاميابيءَ سان نشانو بڻايو.