ي-7 ملڪن اسرائيل جي حمايت ڪري ڇڏي، ايران کي عدم استحڪام جو سبب قرار ڏنو ويو، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صحيح نه ڪئي واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته صدر ٽرمپ ڪئناڊا ۾ ٿيل جي-سيون اجلاس جي پڌرائيءَ تي صحيح نه ڪندو، جنهن جي مسودي ۾ اسرائيل-ايران ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، پڌرائي جي مسودي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايران وٽ ڪڏهن به جوهري هٿيار نه هجڻ گهرجن، جڏهن ته اسرائيل کي پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي.
مسودي ۾ توانائي وارين منڊين سميت عالمي مارڪيٽن جي استحڪام جي تحفظ جو عزم به ورجايو ويو آهي.
جي-سيون اجلاس جي موقعي تي برطانوي وزيراعظم سان ملاقات دوران صدر ٽرمپ چيو ته ايران کي معاهدي تي صحيح ڪرڻ گهرجي، اسان چاهيون ٿا ته يقيني بڻايو وڃي ته ايران وٽ جوهري هٿيار نه هئڻ گهرجن.
ٻئي طرف، صدر ٽرمپ ڪئناڊا ۾ جي-سيون اجلاس ۾ شرڪت مختصر ڪري ڇڏي آهي ۽ هو اڄ واشنگٽن واپس موٽندو، جتي هو اهم معاملن تي شرڪت ڪندو.
واضح رهي ته جي-سيون اجلاس 15 جون تي شروع ٿيو هو، جيڪو اڄ پنهنجي پڄاڻي تي پهچندو.
جِي-سيون ملڪن اسرائيل جي حمايت ڪري ڇڏي، چاهيان ٿو ته ايران وٽ جوهري هٿيار نه هجن: ٽرمپ
You might also like