تهران (ويب ڊيسڪ)ايران جي سرڪاري خبر ايجنسي ”تسنيم“ ڪجهه تصويرون جاري ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته اڄ ٿيل ايراني ميزائل حملن جي نتيجي ۾ اسرائيلي انٽيليجنس ايجنسي موساد جي هيڊڪوارٽر ۾ باهه لڳي وئي هئي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ته اهو حملو ايراني پاسدارانِ انقلاب طرفان ڪيو ويو ۽ ميزائلن ذريعي موساد جي هيڊڪوارٽر کي نشانو بڻايو ويو.
ايران جي انقلابي گارڊ (آءِ آر جي سي) جي ايئرو اسپيس فورس جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته انهن انتهائي جديد دفاعي نظام جي موجودگي باوجود اسرائيلي فوجي انٽيليجنس جي مرڪز کي نشانو بڻائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.
اسرائيل طرفان موساد تي ٿيل مبينا حملي بابت اڃا تائين ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو ويو.
اسرائيلي حڪومت طرفان لاڳو پابندين سبب اسرائيل ۾ ڪم ڪندڙ ميڊيا ڪجهه مخصوص هدفن بابت رپورٽنگ نٿي ڪري سگهي.
ياد رهي ته اسرائيلي حملن جي جواب ۾ ايران اڄ صبح تل ابيب ۽ يروشلم تي وڌيڪ ميزائل حملا ڪيا هئا.