لاڙڪاڻي ۾ ڊي آءِ جي آفيس ڀرسان فائرنگ،شڪارپور واسي ايس ايڇ او شهيد

لاڙڪاڻو/شڪارپور/جيڪب آباد(عبدالوحيد  ابڙو+ذوالفقار مگسي +حضور بخش سومرو) لاڙڪاڻي شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد ايس ايس پي چوڪ ڀرسان فارنزڪ ليباريٽري وٽ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ڪار مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ شڪارپور واسي جيڪب آباد ضلعي جي ميرپور ٻرڙو ٿاڻي جو ايس ايڇ او انسپيڪٽر نظير حسين چانڊيو سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع تي پوليس پهچي زخمي انسپيڪٽر کي علاج لاءِ کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو جتي انسپيڪٽر نظير حسين چانڊيو دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي سول لائين ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته انسپيڪٽر نظير حسين چانڊيو فارنزڪ ليباريٽري ۾ پراپرٽي جمع ڪرائڻ لاءِ آيو جتي فارنزڪ ليبارٽري ٻاهريان موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ڪار مٿان فائرنگ ڪري کيس گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن، ايس ايڇ او نظير احمد چانڊيو لاڙڪاڻي  ڪورٽ ويل ھئو جيڪو واپسي تي ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي آفيس ڀرسان نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ  شھيد ٿي اطلاع ملڻ پوليس ۽ وارث جاء واردات تي پهچي ويا ياد رھي شهيد نظير احمد چانڊيو جي رھائش شڪارپور پوليس لائن سرڪاري ڪوارٽر ۾ ھئي واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو،جڏهن ته شهيد آفيسر کي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو پاران هڪ اهم ڪيس جي پيش رفت رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو هو جتان واپسيءَ تي هو ڪيميڪل ليبارٽري کان ڪيس جي رپورٽ وٺڻ لاءِ ويو جتي موٽر سائيڪل سوار اڻڄاتل جوابدارن مٿس حملو ڪيو جيڪب آباد پوليس موجب،شهيد انسپيڪٽر نظير حسين چانڊيو هڪ بهادر فرض شناس ۽ ايماندار پوليس آفيسر هو ايس ايس پي جيڪب آباد ڪيپٽن (ر) صدام حسين سميت سڀ پوليس آفيسر ۽ اهلڪار هن ڏک واري گهڙيءَ ۾ شهيد جي سوڳواررن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪن ٿا،شهيد جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻو پوليس سان گڏجي ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن ۽ شهر ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.