اسلام آباد(بيورو+م ڊ)سينيٽ جي ناڻي بابت قائما ڪاميٽي سفارش ڪئي آهي ته اسڪول جي اسٽيشنري تي لاڳو سيلز ٽيڪس ختم ڪيو وڃي، جڏهن ته آن لائن خريد ڪيل شين تي نئون ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي، اجلاس دوران ڪاميٽي ايف بي آر جي اها تجويز رد ڪري ڇڏي، جنهن تحت ٽيڪس فراڊ ڪندڙن کي 10 سال تائين قيد جي سزا ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي، ڪاميٽي جي ميمبرن ان تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو، سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي آن فنانس جو اجلاس سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ٽيڪس فراڊ جي ڪيسن ۾ سزا ۽ ڏنڊ بابت تجويز ڪيل ترميمن تي تفصيل سان غور ڪيو ويو, اجلاس دوران ٽيڪس فراڊ ۾ ملوث ماڻهن لاءِ 10 سال قيد جي تجويز کي رد ڪيو ويو، جڏهن ته ڪميٽي ميمبرن 10 سالن تائين قيد جي تجويز تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو. سينيٽر محسن عزير ريمارڪس ڏنا ته بهتر هوندو ته عمر قيد جي سزا ڏني وڃي، ايف بي آر قتل ۽ ٽيڪس چوري جي ڏوهه کي برابر سمجهي ٿو، ايف بي آر چيئرمين چيو ته هڪ ارب کان وڌيڪ جي ٽيڪس فراڊ جي سزا 10 سال قيد جي تجويز آهي، هڪ ڪروڙ کان هڪ ارب جي ٽيڪس فراڊ تي 5 سال قيد جي سزا ڏني وڃي ۽ هڪ ڪروڙ کان گهٽ جي ٽيڪس فراڊ ۾ ملوث ماڻهن لاءِ گهٽ سزا مقرر ڪئي وڃي، اسٽينڊنگ ڪميٽي ٽيڪس فراڊ ۾ ويليو سليب ٺاهڻ جي سفارش ڪئي،
ڪميٽي ميمبرن چيو ته قيد جي بدران ڏنڊ لاڳو ڪرڻ بهتر آهي، ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته ٽيڪس چوري ۾ ملوث شخص کي خبر هجڻ گهرجي ته ان جي سزا قيد آهي، ايف بي آر جي چيئرمين چيو ته توهان ڇا چاهيو ٿا ته ماڻهو حڪومت جو پئسو کائي وڃن ۽ ڪا سزا نه ملي، سائيڪل ۽ موٽرسائيڪل چوري ڪرڻ جي سزا قيد آهي، سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته جيڪڏهن جج کي سزا ڏيڻ جو اختيار آهي ته جج کي گرفتاري ڪرڻ جو به اختيار هجڻ گهرجي، ايف بي آر چيئرمين چيو ته پراڻو قانون سخت آهي، پراڻو قانون رهڻ ڏيو، جيڪڏهن پارليامينٽ وزن برداشت ڪري سگهي ٿي ته پراڻو قانون موجود آهي، جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته مان پراڻي قانون کي نه ڏسندس، نئين قانون کي ڏسندس،ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته اسان هن قانون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هن وقت پراڻو قانون ملڪ جو قانون آهي، سينيٽر شبلي فراز چيو ته توهان هن معاملي تي اسان کي ڌمڪيون ۽ بليڪ ميل ڪري رهيا آهيو، توهان پنهنجي ڳالهه کي سامهون آڻڻ لاءِ ماءِ وي يا هاءِ وي جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو ته اسان هي ترميم ٻيهر آڻي رهيا آهيون، جيڪڏهن اسان اڳوڻو قانون برقرار رکيو ته اهو هڪ سخت قانون هوندو،چيئرمين ايف بي آر چيو ته اسان سڀاڻي تائين ان تي ٻيهر سوچينداسين ۽ آگاهه ڪنداسين، ڪميٽي ميمبرن گرفتاري سان لاڳاپيل ترميم تي اعتراض ڪيو، ترميم تي وڌيڪ بحث ٿيندو، سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي فار فنانس اسٽيشنري جي شين تي ٽيڪس صفر ڪرڻ جي سفارش ڪئي، جڏهن ته ايف بي آر ڪوريئر سروسز ڪليڪشن ايجنٽ ٺاهڻ جي تجويز ڏني ۽ ٽيڪس فراڊ کي روڪڻ لاءِ وڌيڪ ترميمن جي منظوري ڏني، سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي آن فنانس جو اجلاس چيئرمين سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ٿيو. وفاقي بجيٽ 2025-26 جي فنانس بل تي سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي آن فنانس جو اجلاس چيئرمين سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب، مملڪتي وزير بلال اظهر ۽ چيئرمين ايف بي آر راشد لنگڙيال شرڪت ڪئي، جنهن ۾ وفاقي بجيٽ 2025-26 جي فنانس بل جو شق وار جائزو ورتو ويو، جڏهن ته اجلاس ۾ سيلز ٽيڪس تجويزن جو تفصيل سان جائزو ورتو ويو.