تهران/يروشلم(م ڊ) ايران ۽ اسرائيل جا هڪ ٻئي تي حملا جاري آهن. جڏهن ته اسرائيل ايران جي شهر مشهد ۾ به حملو ڪيو آهي. ٽن ڏينهن ۾ اسرائيلي حملن ۾ 128 ايراني شهري شهيد ٿي ويا ۽ 900 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. جڏهن ته ايران جي حملن ۾ به هڪ ئي رات ۾ 14 اسرائيلي مارجي ويا آهن.ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ سڄي رات حملا جاري رهيا، جنهن سبب ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي. سڄي رات ايران طرفان ڪيل ميزائل حملن ۾ ڪيترائي اسرائيلي شهري مارجي ويا۔ اسرائيلي ايمرجنسي خدمتن مطابق گهٽ ۾ گهٽ 10 اسرائيلي شهري مارجي ويا ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. گذريل ڏينهن ايران جي سرڪاري ٽي وي تي نشر ڪيو ويو ته تهران ۾ هڪ رهائشي عمارت تي اسرائيلي حملي ۾ 60 شهري مارجي ويا، جن ۾ 20 ٻار به شامل هئا.تهران جي تيل واري وزارت موجب، شهيران آئل ڊپو تي اسرائيلي حملو ٿيو، جنهن سبب وڏي باهه لڳي، پر ايران جو چوڻ آهي ته ريفائنري اڃا تائين ڪم ڪري رهي آهي.اسرائيل جي شهر بيت يام مان رپورٽ ڪئي وئي آهي ته هڪ ڏهه ماڙ عمارت جي ملبي هيٺ ست ماڻهو ڦاٿل آهن، جتي ايران جي حملي ۾ اڳ ئي ڇهه ماڻهو مارجي چڪا آهن. ايران هڪ ڀيرو ٻيهر اسرائيل تي وڏو ميزائل حملو ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 14 اسرائيلي شهري مارجي ويا ۽ 380 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، جڏهن ته 35 ماڻهو اڃا تائين گم آهن۔ ملبي مان لاش ڪڍڻ جو عمل جاري آهي. حملن جي پهرين مرحلي ۾ 100 ميزائل ۽ ٻئي مرحلي ۾ 50 ميزائل فائر ڪيا ويا۔ حملن بعد بيت المقدس، تل ابيب ۽ ٻين ڪيترن ئي اسرائيلي شهرن ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. ڪيترين ئي عمارتن کي شديد نقصان پهتو ۽ حيفا جي آئل ريفائنري سميت ڪيترن ئي هنڌن تي باهه لڳي، جنهن سان وڏي پيماني تي نقصان ٿيو. اسرائيل جي "ميگن ڊيود ايڊوم” ريسڪيو سروس موجب گذريل رات ۽ آچر ڏينهن ٿيندڙ ايراني حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ماڻهو مارجي ويا، جنهن سان ملڪ ۾ مجموعي طور مارجي ويلن جو انگ 14 ٿي ويو آهي۔ تل ابيب ويجهو هڪ ميزائل عمارت سان ٽڪرائجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻارن سميت ڇهه ماڻهو مارجي ويا۔ مقامي پوليس ڪمانڊر ڊينيئل هداد ٻڌايو آهي ته ايراني ميزائل حملن ۾ 180 ماڻهو زخمي ٿيا ۽ ست اڃا تائين گم آهن. ايسوسيئيٽيڊ پريس جي رپورٽر تباهه ٿيل عمارتون، ڌماڪن کان متاثر ٿيل گاڏيون، ۽ شيشي جا ٽڪرا سان ڀريل گهٽيون ڏٺيون۔ ريسڪيو ڪارڪنن زنده بچي ويل ماڻهن جي تلاش لاءِ ڊرون استعمال ڪيا۔ ڪجهه اسرائيلي شهري پنهنجو سامان کڻي علائقو ڇڏيندي نظر آيا.تمرا ۾ ميزائل حملي سبب چار ماڻهو مارجي ويا ۽ 24 زخمي ٿيا. يروشلم ۽ تل ابيب ۾ خبرداريءَ جا سائرن وڄندا رهيا . ايراني پاسداران انقلاب چيو ته سندن ميزائلن ۽ ڊرونن اسرائيلي توانائيءَ جي ڍانچي ۽ جنگي جهازن جي تيل فراهمي وارن اڏن کي نشانو بڻايو آهي. اسرائيلي اختيارين مطابق، ايران جي ميزائل حملن سبب حيفا ۾ آئل ريفائنري کي نقصان پهتو ۽ ترسيل جي پائپ لائينون تباهه ٿي ويون. ايران مغربي ملڪن کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن بي بنياد الزامن جو سلسلو جاري رهيو ته هو ايٽمي هٿيارن جي عدم ڦهلاءُ واري معاهدي (NPT) کان الڳ ٿي ويندو. اقوام متحده ۾ ايران جي مستقل مندوب سعيد ايرواني اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل ۾ خط جمع ڪرايو آهي، جنهن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته برطانيا، فرانس ۽ جرمني ايران تي بي بنياد الزامن جي بنياد تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن.سعيد ايرواني چيو ته جيڪڏهن اهي ٽي ملڪ ايران تي پابنديون ٻيهر لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش جاري رکندا ته ايران اين پي ٽي معاهدي مان دستبردار ٿي ويندو.