آمريڪي صدر ٽرمپ جو ايران ۽ اسرائيل ۾ امن معاهدو ڪرائڻ جو اعلان

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران ۽ اسرائيل کي معاهدو ڪرڻ گهرجي، ٻنهي ملڪن ۾ جلد امن ٿيندو. پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ڪيتريون ئي ملاقاتون ۽ فون ڪالز ٿي رهيون آهن، ايران ۽ اسرائيل معاهدو ڪندا. ٻئي ازلي دشمن آهن پر ٻنهي ۾ معاهدو ٿيندو. ٽرمپ چيو ته اهو معاهدو بلڪل ائين هوندو جيئن مون ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڪرايو هو. ان معاهدي لاءِ مون آمريڪا سان واپاري فائدن جو حوالو ڏنو، ٻنهي ملڪن جي ٻن بهترين اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، جيڪي فوري فيصلو ڪرڻ جي سگهه رکندا هئا، ۽ پوءِ سڀ ڪجهه رڪجي ويو. ٽرمپ جو چوڻ هو ته  مان گهڻو ڪجهه ڪريان ٿو، پر مون کي ان جو ڪريڊٽ ڪڏهن به نٿو ملي،پر ڪو فرق نٿو پوي، عوام سڀ سمجهي ٿي.

نجي پهرين صدارت واري دور دوران سربيا ۽ ڪوسوو ۽ مصر ۽ ايٿوپيا جي وچ ۾ ٿيل معاهدن جو به ذڪر ڪيو. ٽرمپ پنهنجي بيان جي آخر ۾ چيو ته وچ اوڀر کي وري عظيم بڻايو .  آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي نشرياتي اداري اي بي سي نيوز کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو آهي ته آمريڪا هن وقت ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ وڌندڙ تڪرار جو حصو ناهي، پر اهو ممڪن آهي ته آمريڪا مستقبل ۾ هن تڪرار جو حصو بڻجي سگهي. اطلاعن موجب، هن چيو ته جيڪڏهن روسي صدر ولاديمير پيوٽن هن تڪرار جي حل لاءِ ٽياڪڙ بڻجڻ چاهي ته هو ان کي قبول ڪندا. ٽرمپ چيو ته  ان لاءِ تيار آهن، ۽ اسان ان حوالي سان ڊگهي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي .ساڳئي وقت، ڪريملن جي سيڙپڪاري بابت سفير ڪيريل ديميتروف پڻ پليٽفارم ايڪس (اڳوڻو ٽوئيٽر) تي هڪ پوسٽ ۾ چيو آهي ته روس هن تڪرار ۾ ٽياڪڙ بڻجي هڪ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.