وچ اوڀر جي فضائن ۾ بارود جي بوءِ وري ڇانئجي وئي آهي. ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جيڪا ڇڪتاڻ گذريل ڏينهن ۾ نظر آئي، اُها رُڳو ٻن ملڪن جي تڪرار تائين محدود نه رهي، تان جو اُها هڪ وڏي تاريخي ويڙهه جي تسلسل جو حصو آهي. ايران جا ميزائل ۽ ڊرون حملا فقط هڪ ردعمل نه هئا، بلڪه سالن کان گڏ ٿيندڙ دٻاءُ، بي وسي ۽ اشتعال جو هڪ واضع اظهار هئا.ايران ان حملي کي ”جوابي ڪارروائي“ سڏي رهيو آهي، پر حقيقت ۾ اُن جي پٺيان ڪيترائي اَڻڄاتل محرڪ لڪيل آهن. هڪ پاسي ايران جي فلسطين سان سئين سڌي وابستگي، ته ٻئي پاسي اسرائيل طرفان ايران جي اندروني معاملن ۾ مداخلت، ايٽمي پروگرام ۾ رخنو وجهڻ ۽ ايران جي اهم فوجي ۽ سائنسي شخصيتن کي نشانو بڻائڻ، ايران کي اهڙي حد تي آڻي ڇڏيو جتي خاموشي پاڻ ۾ هڪ ڪمزوري سمجهي وڃي پئي.
ايران جو موقف هميشه اُهو رهيو آهي ته اسرائيل هڪ قابض رياست آهي، جيڪا نه رُڳو فلسطينين جي حقن کي لتاڙي رهي آهي، پر خطي جي بيچيني ۽ عدم استحڪام جي به اصل ذميوار آهي. ايران ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته جيستائين اسرائيل کي طاقت سان جواب نه ڏنو ويندو، هو پنهنجي جارحاڻي پاليسين کان باز نه ايندو. ايران لاءِ هيءُ رڳو هڪ سياسي ويڙهه نه، بلڪه هڪ نظرياتي ۽ انقلابي جدوجهد به آهي. ان جي جمهوري اسلامي نظام جي بنياد ئي فلسطين جي آزادي، مظلومن جي حمايت، ۽ سامراجي طاقت خلاف مزاحمت تي بيٺل آهي. اُنهيءَ ڪري اسرائيل خلاف ڪارروائي فقط فوجي حڪمتِ عملي نه پر هڪ نظرياتي فريضي جي حيثيت رکي ٿي.گذريل ڪجهه سالن دوران، ايران جي اهم اڳواڻن کي نشانو بڻائڻ جي ڪوششون جاري رهيون. قاسم سليماني جي بغداد ايئرپورٽ تي شهادت، جيڪا آمريڪي حملي سان ٿي، پر ان جي منصوبابندي ۾ اسرائيلي خفيه ادارن جو به ڪردار ٻڌايو وڃي ٿو. قاسم سليماني فقط هڪ جنرل نه، پر ايران جي خطي اندر حڪمتِ عمليءَ جو اهم معمار هو. ان کانپوءِ محسن فخري زاده، جيڪو ايران جي ايٽمي پروگرام جو مرڪزي سائنسدان هو، ڏينهن ڏٺي قتل ڪيو ويو. اِھي ٻئي واقعا ايران لاءِ واضح پيغام هئا ته هاڻ سندس قيادت به محفوظ نه رهي آهي.
ويجهڙ ۾ ايران جي اعليٰ عسڪري قيادت تي ٿيندڙ حملا ايران جي صبر جي آخري حد عبور ڪري ويا. جنرل حسين سلامي، جنرل محمد باقري، جنرل امير علي حاجي زاده، جنرل غلام علي راشد، ۽ علي شمخاني جهڙا نالا، فقط حڪم ڏيندڙ نه، پر ايران جي دفاعي فلسفي جا اهم ستون سمجهيا ويندا آهن. انهن تي حملو ايران لاءِ رُڳو موچارن ماڻهن کي وڃائڻ نه، پر ادارن تي سئون سڌو حملو هو.
ايران کي هن ڳالهه جو به شدت احساس ٿيو ته هاڻ اسرائيل رڳو پراڪسي ذريعي نه، بلڪ سڌيءَ ريت ايران جي اندروني خودمختياريءَ کي للڪارڻ لڳو آهي. ايران جي تنصيبات تي حملن، ايٽمي مرڪزن کي نشانو بڻائڻ، ۽ مسلسل ڳجهين ڪارروائين، ايران کي واضح طور تي اهو پتو ڏنو ته هاڻ فقط بيانن سان ڳالهه ناھي ھلڻي. ايران کي هاڻ صرف پاڻ کي بچائڻ نه، پر دشمن کي ڊڄائڻ به ضروري بڻجي پيو هو.
ايران جي حمايتي گروپن، جيئن حزب الله، حماس، اسلامي جهاد ۽ يمن جي انصار الله، طرفان به ايران تي دٻاءُ وڌو ويو هو ته هاڻ ايران فقط زباني حمايت نه، پر عملي اڳواڻيءَ جو مظاهرو ڪري. ايران جي هن حملي سان اُهي گروپ به مطمئن ٿيا ته ايران فقط نظرياتي حامي نه، بلڪه ميدان ۾ به ساڻ آهي. ايران جي اندروني حالتن کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. پابندين، مهانگائي، بيروزگاري، ۽ عوامي بيچيني جي ان دور ۾، حڪومت لاءِ ضروري هو ته قوم جي نظرن ۾ ڪو اهڙو ”بيروني خطرو“ هجي، جنهن جي خلاف قومي جذبي سان ماڻهن کي متحد ڪري سگهجي. اسرائيل خلاف حملو ان سلسلي ۾ حڪمتِ عمليءَ سان ڀريو قدم هو، جنهن کي رياستي ميڊيا قومي فخر طور پيش ڪيو.
هن ڀيري ايران جي ڪارروائي رڳو ميزائلن تائين محدود نه رهي. ان ۾ جديد ٽيڪنالاجيءَ، ڊرون، ۽ سائبر حملا به شامل هئا. ايران دنيا کي اهو ڏيکاري ڇڏيو ته هو هاڻ رڳو دفاعي پوزيشن تي ناهي، پر هڪ اثرائتي ۽ حملا ڪندڙ طاقت طور به اڀري رهيو آهي. ايران جي حملي اسرائيل جي دفاعي نظام، خاص طور ”آئرن ڊوم“، لاءِ به وڏو امتحان بڻجي پيو.
هاڻ سوال اهو آهي ته ڇا هيءُ ڇڪتاڻ ڪنهن وڏي جنگ ۾ تبديل ٿيندي؟ يا عالمي طاقتون مداخلت ڪري ٻنهي ملڪن کي ڳالهين جي ميز تي آڻينديون؟ ايران صاف چئي چڪو آهي ته جيڪڏهن ٻيهر سندس قيادت يا حساس تنصيبات کي نشانو بڻايو ويو ته هن ڀيري ردعمل اڳ کان به سخت هوندو. ساڳئي وقت، اسرائيل به پنهنجي جاءِ تان هٽڻ لاءِ تيار ناهي. هو ايران کي وچ اوڀر لاءِ سڀ کان وڏو خطرو سمجهي ٿو ۽ ان کي ايٽمي طاقت بڻجڻ کان روڪڻ لاءِ هر حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهي.
اُها هڪ اهڙي موڙ تي آيل صورتحال آهي، جتي صرف بندوقون نه، پر عقل، تدبر، ۽ سفارتڪاري ئي خطي کي جنگ جي تباهي کان بچائي سگهن ٿا. ايران هاڻ پنهنجي خاموشيءَ کي ڪمزوري نٿو سمجهي، ۽ اسرائيل پنهنجي جارحيت کي حڪمتِ عملي سمجهي ٿو. جيڪڏهن هن باهه کي هاڻ نه روڪيو ويو ته ان جا شعلو فقط ايران ۽ اسرائيل نه، پر سڄي خطي کي ساڙي ڇڏيندا.ايران پيغام ڏئي چڪو آهي ته هر وار جو جواب آهي ۽ هر شهادت نئين طوفان جي شروعات ٿي سگهي ٿي.