ايران تي حملي بعد تيل جا اگهه وڌندا،پاڪستاني معيشت کي به جهٽڪو لڳندو: معاشي ماهر

اسلام آباد(امتياز گل)معاشي ماھر ڊاڪٽر محمد زبير  چيو آھي تھ ايران تي ٿيل حملي جا خطي تي وڏا اثر پوندا.تيل جي قيمتن تي وڏواثر پوندو.آبنائي ھرمز ۾ ڪارروائي ٿي تھ تيل جي سپلائي رڪجي ويندي منھنجي راءِ ۾ بجيٽ کي ھاڻي نئين سر ترتيب ڏيڻو پوندو. ٻئي پاسي بجيٽ جي حوالي سان ڳالھائجي تھ 2024 ۾ اوسر جي گهٽ شرح  ڏٺي وئي يعني ماڻھن جي قوت خريد گھٽجي وئي آھي.موجودھ بجيٽ ان صورتحال کي وڌيڪ ٽائٽ ڪري رھي آھي.حڪومت چار سالن کان سخت مالياتي پاليسي تي ھلي رھي آھي.جيئن اسان جي سياست جڪڙيل آھي تيئن بجيٽ بھ جڪڙِيل آھي.بنيادي طور تي اسان کي قرض واپسي جو بندوبست ڪرڻو آھي.جيستائين ٽيڪس جي ري اسٽرڪچرنگ نھ ٿيندي بجيٽ آزاد نھ ٿيندي.ٻئي پاسي ڪالم نگار ثاقب شيراني چيو تھ بجيٽ جا اڳئي وڏا اثر پوڻا ھئا پر ھاڻي خطي ۾ ڏسڻو آهي تھ ڪيتري ڊگهي جنگ ٿئي ٿي ان جا اثر الڳ پوندا. پر اھو طئي آھي تھ ڪافي عرصي تائين عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگھن تي  غير يقيني رھندي.پر اھوواضع آھي تھ ھي جنگ ڪجھھ ڏينھن لاءِ ناھي.تيل جا اگهھ ٽيھھ يا چاليھ ڊالر وڌن ٿا تھ ان جا موجودھ بجيٽ تي وڏا اثر پوندا. اھو سمورو بار عام واھپيدار مٿان ڪرندو.اڳ ئي  حڪومت رليف جي ڪا گنجائش ناھي رکي.اگر جنگ ڊگهي ٿي تھ پاڪستان جا ريميٽنس بھ متاثر ٿيندا.2022 ۾ پاڪستاني جيڪو 50 ھزار روپيا خرچ رھيو ھيو ان جي قوت خريد ھاڻي 20 ھزار روپيا رھجي وئي آھي.4 سالن دوران عام ماڻھو تي جيڪو حڪومت ٽيڪس جو بار وڌو آھي مجموعي طور 44.5ٽرلين روپين جي ٽيڪس اوڳاڙي ٿي آهي هن چيو ته حڪومت چاھي ھا تھ گهٽ ۾ گهٽ اجرت وڌائي ھا عوام کي رليف بھ ڏئي پئي سگھي.ايترو ٽيڪس جو بار نھ وجھي ھا.پر حڪومت ان ٽيھھ چاليھ سيڪڙو مان پارليامينٽرين جون پگھارون وڌايون بيورڪريسي جو پگھارون مراعتون وڌايون.پنجاب جو بجيٽ ڏسو تھ اھا سياسي بجيٽ آھي،هن چيو ته  بجيٽ ۾ ترقياتي رٿائن لاءِ 1 ٽرلين روپيا رکيا ويا آھن.پر ان ۾ ڪي معاشي سڌارا ناھن. پروڊڪٽوٽي ڪا بھ ناھي. ان ۾ سڀ تعميراتي ڪم آھن. ڪنسٽرڪشن جا ڪم آھن.خبر ناھي ايليٽ ڪلاس ۾ ڪھڙي بيماري آھي رستا ٺاھي ٺاھي اسان ڇا ڪنداسين ھن ملڪ سان سا خبر ناھي.اين ايڇ اي  ۽ ڪميونيڪيشن ڊويزن جو بجيٽ 33 سيڪڙو آھي پي ايس ڊي پي جو. پاڻي وسيلن لاءِ 13 سيڪڙو رکيو ويوآھي جڏھن تھ زراعت جي حالت توھان ڏسو ٿا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.