مسلمان متحد نه ٿيا ته سڀني جو وارو ايندو

اسلام آباد (م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته سڀ مسلمان ملڪ متحد ٿي اسرائيل جو مقابلو ڪن، جيڪڏهن اڄ مسلمان دنيا متحد  نه ٿي ته سڀني جو وارو ايندو. اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسرائيل يمن، ايران ۽ فلسطين کي نشانو بڻايو آهي، اسلامي ملڪن جو اتحاد ضروري آهي، جيڪڏهن خاموش رهياسين ته سڀني جو وارو اچي ويندو. هن چيو ته اسلامي سهڪار تنظيم جو اجلاس گهرايو وڃي، سڀ مسلمان ملڪ متحد ٿي اسرائيل جو مقابلو ڪن. هن چيو ته پاڪستان اسرائيل کي تسليم نه ڪيو، اسلامي دنيا ۾ اسرائيل سان لاڳاپا ختم ٿيڻ گهرجن. خواجا آصف چيو ته بي ايل اي ۽ ٽي ٽي پي ڀارت جا ايجنٽ آهن، جيڪڏهن ڪو بي ايل اي جو همدرد آهي ته اهو ملڪ غدار آهي. هن عمران خان ۽ اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوه تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪميٽي روم ۾ 2 مان هڪ ميٽنگ ٿي هئي، اسان ويٺا هئاسين ته ان وقت جو وزيراعظم اچي، اڀي نندن کي واپس ڪيو ويو، اهو هڪ سرينڊر هو، ان وقت جي آرمي چيف ۽ وزيراعظم گڏجي قومي وقار کي ڇيهو رسايو. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ اسد قيصر چيو ته اسان پنهنجي ايراني ڀائرن سان گڏ آهيون، ڀارت جڏهن حملو ڪيو ته هٿيار اسرائيلي هئا، او آءِ سي اجلاس گهرائڻ لاءِ پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اطلاعات واري وزير عطا تارڙ چيو ته گڏيل قومن جي چارٽر تحت ايران کي دفاع جو حق آهي، پاڪستان سلامتي ڪائونسل ۾ ايران تي اسرائيلي حملي خلاف ڀرپور موقف اختيار ڪيو، فلاحي تنظيمون فلسطيني عوام لاءِ امداد موڪلي رهيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.