” بني هاپ“ بائونڊري ڪيچن کي غير قانوني قرار ڏيڻ جون تياريون

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ميريليبون ڪرڪيٽ ڪلب ( ايم سي سي ) طرفان اعلانيل تبديلين کانپوءِ ” بني هاپ “ بائونڊري ڪيچن کي غيرقانوني قرار ڏيڻ لاءِ هڪ نئون اصول متعارف ڪرائڻ جو پهه ڪري ورتو آهي.
نوان ظابطا هلندڙ مهيني جي آخري ۾ آءِ سي سي جي پليئنگ ڪنڊينشنز ۾ شامل ڪيا ويندا ۽ آڪٽوبر 2026ع ۾ باظابطا طور ايم سي سي جي قانونن جو حصو بڻجي ويندو.
نئين اصول تحت هاڻي فيلڊر ميدان کان ٻاهر هوا ۾ هڪ ڀيرو هوا ۾ رهندي بال پڪڙي سگهي ٿو پر ان کانپوءِ کيس ميدان تي واپس اچڻو پوندو.
هن وقت تائين اهڙي قسم جو ڪيچ ضابطن جي موجب صحيح سمجهيو ويندو رهيو آهي، جيستائين فِيَلڊر بال کي ڇهڻ وقت زمين يا بائونڊري لائين کان ٻاهر نه هوندو آهي.
پر ڪرڪيٽ جي مداحن ۽ ماهرن طرفان ان حرڪت کي ’غير فطري‘، ’مخالف جي حقن خلاف‘ ۽ ’راند جي اصل روح سان ٽڪراءُ‘ قرار ڏنو ويو آهي.
ايم سي سي طرفان اِها ترميم بِگ بيش ليگ ( بي بي ايل) دوران مختلف موقعن تي پيش آيل اهڙن واقعن کي نظر ۾ رکندي ڪئي وئي آهي.
ويجهڙ ۾ برسبين هيٽ جي مائيڪل نيسر سڊني سڪسرز جي جارڊن سلڪ جو ڪيچ پڪڙيو هو جنهن هڪ نئين تڪرار کي جنم ڏنو.
بائونڊري جي ڀرسان ڪيچ ڪندي نيسر بال ته پڪڙي ورتو پر هو بائونڊري ڪراس ڪري ويو ۽ بال کي هوا ۾ ڦٽو ڪيو ۽ ان کانپوءِ هوا رهندي بال کي ٻيهر بائونڊري تائين آندو ۽ ڪيچ مڪمل ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.