لنڊن (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ٽمبا باووما ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ کٽڻ کان هڪ ڏينهن اڳُ ڏنل بيان تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيو آهي.
سوشل ميڊيا تي وائرل بيان ۾
ٽمبا باووما چيو ته ” مون کي زندگيءَ ۾ مختلف نالن سان سڏيو ويو، ڪجهه نالا تڪليف ڏيندڙ هئا، ڪجهه سٺا به لڳا، پر سڀ کان وڌيڪ جنهن نالي سان مون کي سڏيو ويو اُهو ٽمبا آهي.“
باووما پنهنجي نالي پٺيان لڪل هڪ دلچسپ ڪهاڻي پڻ ٻڌائي ۽ چيو ته اِهو نالو سندس ڏاڏيءَ رکيو هو، ڇو ته ” ٽمبا “ جي معنيٰ آهي اميد، اميد پنهنجي برادري لاءِ پنهنجي ديس لاءِ، سوچيو جيڪڏهن اسان وٽ اميد نه هجي ته اسان جي ڪهڙي اهميت هوندي؟
ڏکڻ آفريڪي ڪپتان چيو ته ” اميد اهم منزلن تي رسائي ٿي.
واضح رهي ته ٽمبا باووما جي قيادت ۾ ڏکڻ آفريڪا ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ 2023-25 جي فائنل ۾ دفاعي چيمپيئن آسٽريليا کي پنج وڪيٽن تان هارائي 27 ورهين جي ڊگهي انتظار کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪائي آءِ سي سي ٽورنامينٽ کٽي ورتي آهي.