ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جيڪب آباد کي دنيا جو سڀ کان وڌيڪ گرم ترين شهر قرار ڏنو ويو، جتي اڌ رات کانپوءِ به گرمي پد 50.4 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
ملڪ جي مختلف شهرن ۾ گرميءَ جي لهر جاري آهي، جڏهن ته سنڌ جي شهر جيڪب آباد هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جي گرم ترين هنڌن جي فهرست ۾ پنهنجو نالو شامل ڪري ڇڏيو آهي.
جيڪب آباد ۾ اڌ رات کانپوءِ به گرمي پد 50.4 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، اهو گرمي پد عالمي سطح تي رڪارڊ ٿيندڙ انتهائي گرم ترين رات جي گرمي پد ۾ شمار ٿيندو آهي، جيڪو ماحولياتي تبديلين ۽ موسمي شدت جو هڪ واضح مثال آهي.
You might also like