”عوام لاءِ اهم تحفو آهي“ مراد علي شاهه شاهراهه ڀٽو جي ٻئي فيز جو افتتاح ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه شاهراهه ڀٽو جي ٻئي فيز جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
افتتاح کان اڳ مراد علي شاهه انٽر چينج شاهه فيصل کان قائد آباد تائين سفر ڪري شاهراهه ڀٽو جو معائنو ڪيو.
وڏي وزير جي ترجمان موجب مراد علي شاهه پنهنجي گاڏي جو ٽول ٽيڪس به ادا ڪيو، سندس گاڏي اطلاعات وارو وزير شرجيل ميمڻ هلائي رهيو هو، جڏهن ته صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ۽ سينيٽر وقار مهدي به ساڻس گڏ هئا.
افتتاحي تقريب ۾ ڪراچي مان چونڊيل پ پ ميمبرن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي مراد علي شاهه چيو ته شاهراهه ڀٽو ڪراچي جي عوام لاءِ پ پ حڪومت جو اهم تحفو آهي، جديد انفرا اسٽرڪچر ترقي جي ضمانت آهي.
هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري 11 جنوري تي شاهراهه ڀٽو جي پهرئين فيز جو افتتاح ڪيو هو، اڄ شاهه فيصل کان قائد آباد تائين ٻئي فيز جو افتتاح ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته شهري ۽ صنعتي رابطن کي تيز ۽ محفوظ بڻائڻ اسان جو عزم آهي، قائد آباد کان ڪاٺوڙ تائين شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي جلد مڪمل ڪيو ويندو، اچ وڃ بهتر ٿيندي ته معيشت مضبوط ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.