ڪورنگي ۾ 15 کان 18 ڪلاڪ تائين بجلي بند

ڪورنگي (ڊر) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ قهر جي گرمي باوجود ڪي اليڪٽرڪ جي هٿرادو لوڊ شيڊنگ جاري ۽  ساري بجلي جي بندش15 کان 18 ڪلاڪ تائين برقرار آهي، هٿرادو لوڊشيڊنگ ننڍن ڪاروباري واپارين دڪاندارن  ۽ درزين جو روزوگار متاثر ڪرڻ سان گڏوگڏ علائقي واسين کي بيماري جي بستري تي آڻي ڇڏيو، ڪورنگي جي رهواسين جو  چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي انتظاميا هتان جي رهواسين سان ماٽيلي ماءُ وارو رويو برقرار رکندي پئي اچي جيڪو انتهائي شرم جوڳو عمل آهي، اوربلنگ جي مد ۾ لکين روپيا شهرين کان وصول ڪرڻ باوجود به لوڊشيڊنگ ختم نه ٿي سگهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.