حيدرآباد(رپورٽر) جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر پاران مرڪزي اڳواڻ ارباب ڀيل کي ڪيس ۾ ضمانت ملڻ باوجود سينٽرل جيل حيدرآباد مان آزاد نه ڪرڻ خلاف جيل جي مک گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيوويو. احتجاجي ڌرڻي جي اڳواڻي جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري ۽ جنرل سيڪريٽري فتاح چنا ڪري رهيو هو، جڏهن ته قومپرست ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اسلم خيرپوري ۽ فتاح چنا ڳالهائيندي چيو ته ارباب ڀيل کي عدالت مان ضمانت ملڻ باوجود سينٽرل جيل حيدرآباد جي انتظاميا آزاد ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي، جيل عملدارن کي عدالت جو آرڊر به ڏيکاريو ويو ۽ سموريون قانوني گهرجون پوريون ٿي چڪيون آهن, پر ارباب ڀيل کي آزاد ڪرڻ بجاءِ گم ڪيو ويو آهي، اسان کي خدشو آهي ته ارباب ڀيل کي وري ڪنهن نئين جڙتو ڪيس ۾ گرفتار ڪري ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، بيگناهه سياسي ڪارڪنن تي ان قسم جو ظلم انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، هنن چيو ته سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن خلاف آپريشن جاري آهي, پرامن سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ کان وٺي ڪوڙن ڪيسن ۾ جيلن ۾ رکڻ وارو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ارباب ڀيل کي آزاد ڪيو وڃي. ٻئي طرف جيل سپرنٽينڊنٽ نائب علي ٻانڀڻ جو چوڻ هو ته ارباب ڀيل کي عدالتي حڪم ملڻ بعد آزاد ڪيو ويو ھو، ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته ارباب ڀيل کي دادو پوليس هڪ ٻئي ڪيس ۾ کڻي وئي آهي.