احمد آباد ۾ ڀارتي جهاز ڪِري تباهه، 244 ڄڻا فوت

احمد آباد (م ڊ) ڀارتي رياست گجرات جي شهر احمد آباد ۾ ايئر انڊيا جو مسافر جهاز ايئرپورٽ ويجهو ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ عملي جي 12 ميمبرن سميت جهاز ۾ سوار 242 مسافر ۽ 2 ڊاڪٽر  فوت ٿي ويا، ڀارتي ميڊيا موجب، حادثي جو شڪار جهاز ۾ 169 ڀارتي شهري، 53 برطانوي، هڪ ڪينيڊين ۽ 7 پرتگالي شهرين سميت 11 ٻار به موجود هئا، جهاز ۾ گجرات جو اڳوڻو وڏو وزير وجئه روپاڻي به سوار هو، ايئر انڊيا جي اُڏام اي آءِ 171 احمد آباد ايئرپورٽ تان روانگي وقت 322 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان رڳو 625 فوٽ بلنديءَ تائين اڏي سگهي ۽ پوءِ ٽيڪنيڪل خرابي سبب ڪِري تباهه ٿي وئي، جهاز جي ڪرڻ وقت ڌماڪي جو آواز ٻڌو ويو، حادثو ڀارتي وقت موجب منجهند هڪ کان ٻه وڳي جي وچ ڌاري پيش آيو، ٻئي پاسي حادثي کانپوءِ احمد آباد ايئرپورٽ تي فلائيٽ آپريشن بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، فلائيٽ ريڊار موجب، اڏام ڀرڻ بعد هڪ منٽ کان به گهٽ وقت ۾ 625 فوٽ جي بلنديءَ تي جهاز سان رابطو ڪٽجي ويو هو، هوڏانهن ڀارتي ڊي جي سول ايوي ايشن جو چوڻ آهي ته جهاز ڪرڻ کان اڳ هڪ لڳي 39 منٽن تي ڪئپٽن ”مي ڊي“ جي ڪال ڏني هئي، ميڊيا رپورٽن موجب، حادثي جو شڪار بوئنگ 787 ڊريم لائنر 11 سال پراڻو هو، تباهي وقت جهاز جو ملبو ۽ مسافر جا لاش هر طرف پکڙجي ويا، جهاز کي باهه لڳي وئي، جهاز ايئرپورٽ جي ڪجهه فاصلي تي سول اسپتال جي ويجهو ڊاڪٽرن جي هاسٽل تي ڪِريو، جيڪا ميگهاني نگر ۾ آهي، آل انڊيا ميڊيڪل ايسوسيئيشنز جي فيڊريشن (FAIMA) جو چوڻ آهي ته حادثي وقت هاسٽل جي ميس ۾ ميڊيڪل جا شاگرد موجود هئا، فيڊريشن پاران شيئر ڪيل تصويرن ۾ جهاز جو هڪ حصو هاسٽل جي عمارت ۾ اٽڪيل ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته عمارت کي سخت نقصان پهتو آهي، حادثي ۾ 50 کان وڌيڪ شاگرد زخمي ٿي پيا، جن مان ٻن ڄڻن اسپتال ۾ دم ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.