اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيئرمين سينيٽ، ڊپٽي چيئرمين سينيٽ، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي جي پگهارن ۾ واڌ جو نوٽيس ورتو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ان سلسلي ۾ اسپيڪر ۽ چيئرمين سينيٽ کان رپورٽ طلب ڪئي آهي، وزيراعظم رپورٽ جي روشني ۾ اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي پگهارن ۾ واڌ بابت فيصلو ڪندو.
اسپيڪر،سينيٽ چيئرمين جي پگهارن ۾ واڌ ناقابل قبول آهي:حافظ نعيم
لاهور(پ ر)جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته حڪومت تعليم، صحت ۽ امن فراهم نه ڪري رهي آهي، اها صرف ٽيڪس گڏ ڪري رهي آهي، لاهور جي منصوره ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته ايف بي آر جي ڪرپشن، وياج ۽ آءِ پي پيز جي معاهدن کي ختم ڪري هر سال هزارين ارب بچائي سگهجن ٿا، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڪرپشن جو بدترين ڪاروبار آهي جيڪو سياسي مقصدن لاءِ استعمال ٿيندو آهي،هن چيو ته جيڪڏهن هن پروگرام لاءِ مختص ڪيل پئسا آءِ ٽي جي تعليم لاءِ مختص ڪيا وڃن ها ته نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿين ها. بجيٽ ۾ تعليم جي شعبي کي ترجيح نه ڏني وئي، ۽ شمسي توانائي تي 18 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ سان شمسي پينل جي قيمت ۾ 3 هزار رپيا وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.هن چيو ته سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي پگهارن ۾ 600 سيڪڙو ۽ عام ملازمن لاءِ صرف 10 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو ويو، جيڪو ناقابل قبول آهي. حافظ نعيم الرحمان چيو ته خواجه آصف سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي پگهار ۾ واڌ کي مالي بي حيائي قرار ڏنو آهي، پوءِ اهي پاڻ کي هن فاشسٽ نظام کان الڳ ڇو نٿا ڪن؟
اسپيڪر جي پگهار ۾ واڌ مالي فحاشي آهي:خواجا آصف
اسلام آباد(عمر چيما)پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ 200 سيڪڙو ۽ سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي پگهارن ۾ 600 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي،دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف به ان معاملي تي ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته اها مالياتي فحاشي آهي،ٻئي پاسي وزير به سوچيندا هوندا ته اسان ۽ پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ ڪو وڌيڪ فرق ناهي رهيو،هي جيڪي وزير آهن اهي پنهنجن پئسن سان نه چونڊجي ايندا آهن انهن پنهنجا اسپانسر رکيا هوندا آهن انهن کي به واپس مالي ادائيگيون ڪرڻيون هونديون آهن،جيڪڏهن عوام ڏانهن ڏسجي ته ۽ پارليامينٽ ميمبرن پاران رڳو پنهنجي مراعتن ۾ واڌ ڏسجي ته اها ڳالهه عوامي مفاد وٽان ناهي،ٻئي پاسي جيڪڏهن جج جي پگهار ڏسجي ته ان جي پگهار به اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين جيتري آهي،ٻيو ڏسجي ته جيڪي ماڻهو ڪروڙين رپيا خرچ ڪري پارليامينٽ پهچن ٿا پڇا انهن جي پگهار نه وڌڻ گهرجي،بلڪل ايتري هئڻ گهرجي پر انهن جي پگهارن ۾ واڌ سندن ڪارڪردگي سان مشروط ڪرڻ گهرجي،ٻيو ته ڪرپشن خلاف مهم تيز ڪرڻ گهرجي،ٽئين ڳالهه ته چونڊن جي عمل ۾ ڪروڙين رپيا سيڙائڻ واري ڳالهه کي هٿي ڇو ڏني وڃي ٿي؟جيڪي ماڻهو ڪروڙين رپيا لڳائي اچي ٿو ان کي اهي پئسا واپس به ڪرڻا هوندا آهن،ان ڪري ڪرپشن به وڌي ٿي،
پگهارن ۾ واڌ جو فيصلو اسپيڪر ۽ چيئرمين پاڻ ڪيو؟!
اسلام آباد (م ڊ) سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر جي پگهارن ۾ واڌ واري معاملي جي نئين ڪهاڻي سامهون آئي آهي، پگهارن ۾ واڌ جو فيصلو انهن پاڻ ڪيو، ذريعن موجب، سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي پگهارن ۾ واڌ سينيٽ هائوس فنانس ڪميٽي ڪئي، جنهن جي صدارت ڪجهه مهينا اڳ يوسف رضا گيلاني ڪئي، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي پگهارن ۾ اضافو قومي اسيمبلي جي هائوس فنانس ڪميٽي جي فيصلي تحت ٿيو جنهن جي صدارت اياز صادق ڪئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڪميٽين جا اجلاس خاموشيءَ سان ٿيا ۽ چار اهم عهديدارن جي پگهارن ۾ واڌ جو فيصلو ان وقت ڪيو ويو، حڪومت جو انهن فيصلن سان سڌي ريت ڪو به تعلق ناهي، ڇاڪاڻ ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ بجيٽ جي فراهمي کانپوءِ پنهنجي خرچن جي حوالي سان خودمختيار آهن، قانون موجب وزيراعظم کي ان معاملي ۾ مداخلت جو اختيار ناهي، وزيراعظم شهباز شريف معاملي جو نوٽيس ته ورتو آهي، پر هو رڳو اخلاقي طور پيغام ڏئي يا ڪابينا ذريعي سفارش ڪري سگهي ٿو، حتمي فيصلي جو اختيار ايوانن جي مالي ڪميٽين کي هوندو.
سينيٽ چيئرمين ۽ اسپيڪر جي وڌايل پگهارن ۾ گهٽتائي جو فيصلو ٿيو آهي: راڻا ثناءُ الله
اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت مشير رانا ثناءُالله چيو آهي ته هن بجيٽ ۾ ڪجهه اهڙيون شيون به آهن جن سان حڪومت به متفق ناهي. رانا ثناءُالله ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته هر ملڪ پنهنجن مفادن کي مدنظر رکي پاليسيون ٺاهيندو آهي ۽ ان مطابق بيان به ڏنا ويندا آهن، اسان کي اهو غلط خيال نه رکڻ گهرجي ته آمريڪا، ڀارت جي قيمت تي، اسان سان لاڳاپا رکندو. هن وڌيڪ چيو ته اسان به چين جي قيمت تي آمريڪا سان لاڳاپا نه رکڻ چاهيون ٿا. جتي آمريڪا جي پنهنجي پاليسي آهي، اتي پاڪستان جي به پنهنجي پاليسي آهي. پاڪستان آمريڪا سان سٺا لاڳاپا ۽ واپار ڪرڻ چاهي ٿو، پر اهو چين جي قيمت تي نه ٿيندو. بجيٽ تي پيپلز پارٽي جي احتجاج جي اعلان بابت رانا ثناءُالله چيو ته پيپلز پارٽي کي پنهنجا اعتراض اسيمبلي ۽ تقريرن جي حد تائين رکڻ جي آزادي آهي ۽ اهڙي آزادي هجڻ به گهرجي. بجيٽ ۾ سياسي موقف سان گڏوگڏ حڪومت جون مجبوريون به هونديون آهن. هن چيو ته هن بجيٽ ۾ ڪجهه شيون اهڙيون آهن جن سان پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ حڪومت به متفق نه آهن، پر آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪرڻ مجبوري آهي، جنهن کان پاسو نٿو ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته اسان به چاهيون پيا ته پگهارون وڌيڪ وڌايون وڃن، پر مالي وسيلن جي محدودي به هڪ مسئلو آهي. هن وڌيڪ چيو ته چيئرمين سينيٽ ۽ قومي اسمبلي جي اسپيڪر جي پگهارن ۾ جيڪو واڌارو ٿيو آهي، ان ۾ هاڻ ڪمي جو فيصلو ٿي چڪو آهي.