بجيٽ ۾ عوام لاءِ ڪجهھ بہ ناھي:ايازلطيف پليجو

حيدرآباد(پ ر) اڄ شام 4 وڳي ميرپور بٺورو شھر ۾ ڪئنالن جي خاتمي، ڪارپوريٽ فارمنگ، سجاول ضلعي ۾ پاڻي جي  ھٿرادو کوٽ ۽ سجاول ضلعي اندر وڌندڙ بدامني خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ اڇي موري کان پيادل شارٽ مارچ ڪري مين بس اسٽاپ ميرپور بٺورو وٽ جلسي عام ڪيو ويندو ، 16 جون تي بدين شھر ۾ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي جلسي عام ڪيو ويندو. ھوڏانھن اياز لطيف پليجي وفاقي بجيٽ کي رد ڪندي چيو آھي تہ بجيٽ ۾ عوام لاءِ ڪجھ بہ ناھي، وفاقي حڪومت مھانگائي تي ضابطو نہ آندو آھي. پگھارن ۽ پينشنز ۾ ملازمن کي مايوس ڪيو ويو آھي، بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۾ 50 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 30 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو  تہ عوام مٿان ناجائز ٽئڪس جو بار وڌو ويو آھي. حڪمران طبقي ۽ بيوروڪريسي کي بادشاھي مراعتون ڏنيون ويون آھن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.