احمدآباد (م ڊ) ڀارتي شهر احمدآباد ۾ جهاز جي المناڪ حادثي ۾ 241 مسافرن جي موت ٿي وئي، جڏهن ته هڪ مسافر معجزي طور بچي ويو،ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب، زندهه بچي ويل مسافر جي سڃاڻپ رمیش وسواش ڪمار طور ٿي آهي، جيڪو برطانوي شهريت رکندڙ آهي ۽ پنهنجي خاندان سان ملڻ لاءِ ڀارت آيو هو،رمیش ٻڌايو ته حادثو تمام اچانڪ ٿيو، جهاز اڏام کان 30 سيڪنڊن بعد ئي ڪري پيو۔ هن دعويٰ ڪئي ته هن ايمرجنسي گيٽ مان ٻاهر ٽپو ڏنو، جنهن سبب هو بچي ويو،رمیش جو چوڻ هو جڏهن مان هوش ۾ آيس، ته چوڌاري لاشون هيون، مان تمام گهڻو ڊڄي ويو هئس، مان اُٿيس ۽ ڀڳس، جهاز جو ملبو هر هنڌ پکڙيل هو۔ پوءِ ڪنهن مون کي ايمبولينس ۾ وجهي اسپتال وٺي ويو،رميش وڌيڪ ٻڌايو ته هن جو ڀاءُ به جهاز ۾ موجود هو، جيڪو حادثي کانپوءِ لاپتا آهي ۽ کيس ان جي باري ۾ ڪا به خبر ناهي.
-
احمد آباد جهاز حادثو: 10 منٽ دير پهچڻ تي عورت جي زندگي بچي وئي
احمد آباد (م ڊ)ڀارت جي ايئر لائن ايئر انڊيا جي احمد آباد ۾ ڪري تباهه ٿيل جهاز جو هڪ الڳ رخ به سامهون آيو، جتي هڪ مسافر عورت صرف 10 منٽ دير سان پهچڻ سبب جهاز ۾ سوار نه ٿي سگهي ۽ انهيءَ سبب سندس حياتي بچي وئي، ڀومي چوهاڻ نالي هن خوش قسمت عورت جو چوڻ هو ته اها فلائٽ مس ٿيڻ کانپوءِ جڏهن مون کي خبر پئي ته جهاز ڪري تباهه ٿي ويو آهي، ته مان ڏڪڻ لڳيس ۽ منهنجي جسم مان ڄڻ روح نڪري ويو، ڀومي کي ايئر انڊيا جي فلائٽ AI-171 ۾ لنڊن وڃڻو هو، پر ٽريفڪ جام سبب هوءَ وقت تي ايئرپورٽ نه پهچي سگهي ۽ فلائٽ هٿان نڪري وئي، ڀارتي ميڊيا موجب ٽريفڪ جي انهيءَ دير، جيڪا عام حالتن ۾ پريشاني جو سبب هوندي آهي، ڀومي لاءِ زندگي جو تحفو ثابت ٿي.