جروار ڀرسان گهريلو تڪرار تان نوجوان ڪهاڙيون هڻي قتل

جروار(رپورٽ: همت بوزدار) يارو لنڊ ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد صادق ملڪ لڳ لانڍيون مهر ۾ گهريلو معاملي تان جوابدار  جوايو ملڪ محمد شاھ روڊ تي گهر ڏانهن ويندڙ نوجوان صداقت عرف پٺاڻو ملڪ کي ڪهاڙين جا وار ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو زخمي نوجوان ڪافي دير تائين تڙپندو رهيو بعد ۾ رستي ويندڙ ماڻهن وارثن کي اطلاع ڏنو جنهن کان بعد وارثن واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال ميرپور ماٿيلو کڻائي ويا، زخمي نوجوان اسپتال نيئندي رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو، جنهن کان بعد فوتي نوجوان جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته علائقي ۾ چوٻول آهن ته نوجوان کي قتل ڪندڙ سندس سئوٽ آهي، واقعو گهريلو معاملي تان پيش آيو آهي، پوليس موجب معاملي جي جاچ جاري آهي جلد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.