ملير/ڪراچي(ڊر/ع آ نيوز) ملير جيل ۾ 3 جون تي 6 هزار قيدين لاءِ رڳو 28 اهلڪار موجود هئا، جڏهن ته ملير جيل ۾ 313 اساميون آهن پر صرف 251 اهلڪار خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. ذريعن موجب، جيل کاتي جا ڪيترائي اهلڪار وي آءِ پي ڊيوٽين تي لڳل هئا. جيل کاتو اڳ ئي 1500 کان وڌيڪ عملي جي کوٽ جو شڪار آهي. کاتي ۾ 6 هزار 548 اسامين مان 1655 اساميون خالي آهن. کاتي جا 132 اهلڪار وزيرن ۽ سياسي شخصيتن وٽ مقرر ٿيل آهن، جڏهن ته گهرو کاتي ۾ جيل کاتي جا 10 اهلڪار ذميواريون نڀائي رهيا آهن. آءِ جي جيل جي آفيس ۾ 67 اهلڪار مقرر آهن، جڏهن ته جيل کاتي جا 18 اهلڪار اهڙا به آهن، جيڪي ٻين شهرن ۾ ڊيوٽي ڪري رهيا آهن. ڊي آءِ جي جيل ملڪ اسلم جو چوڻ آهي ته جيل اهلڪارن جي واپسي لاءِ قدم کنيا ويا آهن، ۽ ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته نفري جي کوٽ جلد کان جلد پوري ڪئي وڃي. ملير جيل مان فرار ٿيندڙ قيدين وارو معاملو، ملير جيل مان فرار ٿيندڙ وڌيڪ 6 قيدين کي گرفتار ڪيو ويو، جيل انتظاميه موجب هينئر تائين 158 قيدين کي گرفتار ڪري جيل آندو ويو آهي، باقي فرار ٿيندڙ 67 قيدين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آهن ۽ جيل ٽوڙڻ بابت قائم ڪيل ڪميٽي ابتدائي رپورٽ ۾ گهرو کاتي کي پڻ موڪلي آهي.