قاهرا / غزا (م ڊ) اسرائيلي فضائي ۽ زميني حملا بدھ ڏينهن به جاري رهيا، جن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 60 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جن مان اڪثريت انهن ماڻهن جي هئي جيڪي امداد حاصل ڪرڻ لاءِ مرڪزن جي ويجهو گڏ ٿيا هئا، فلسطيني وزارتِ صحت ۽ شفا ۽ القدس اسپتالن جي عملدارن موجب، 25 شهيد اهي هئا جيڪي نيٽزاريم جي ويجهو واقع آمريڪا ۽ اسرائيل جي حمايت يافته تنظيم غزا هيومينيٽيرين فائونڊيشن جي امدادي مرڪز وٽ گڏ ٿيا هئا، خان يونس جي ناصر اسپتال مطابق، رافح ۾ ٻئي امدادي مرڪز وٽ به اسرائيلي فائرنگ سبب 14 فلسطيني شهيد ٿي ويا،اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته هنن "وارننگ فائر” ڪيو، ڇو ته اهي ماڻهو سندن فوج لاءِ خطرو بڻجي سگهن پيا، پر انساني حقن جي تنظيمن مطابق اهڙيون حرڪتون بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي آهن، امدادي مرڪزن تي حملا وڌڻ ڪري غزه ۾ انساني الميي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته رپورٽن مطابق امداد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش دوران 163 فلسطيني شهيد ۽ 1,000 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.