شهباز ، نواز شريف، آصف زرداري۽ بلاول پاران افسوس جو اظهار

اسلام آباد (م ڊ) ڀارتي شهر احمد آباد ويجهو ايئر انڊيا جي مسافر جهاز سان پيش آيل حادثي تي وزيراعظم شهباز شريف، پ  پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري، نواز شريف، اسحاق ڊار، خواجه آصف طرفان افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي، وزيراعظم افسوس جو اظهار ڪندي متاثر خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو ته ڀارت ۾ پيش آيل جهاز جو حادثو هڪ ڏکائيندڙ سانحو آهي، آصفه ڀٽو زرداري چيو ته هن ڏکي گهڙيءَ ۾ پاڪستان ڀارتي عوام سان دلي همدردي جو اظهار ڪري ٿو، دعائون متاثرن ۽ سندن خاندانن سان گڏ آهن، بلاول ڀٽو زرداري به حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هو ڀارتي عوام جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت ڪري ٿو، نواز شريف چيو ته هي المناڪ سانحو سرحدن کان مٿانهون آهي ۽ اسان کي گڏيل انسانيت جي ياد ڏياريندو آهي، مان وزيراعظم مودي ۽ ڀارت جي عوام سان دل جي گهراين سان همدردي جو اظهار ڪريان ٿو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.